پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ 153 هين پي ايم اي لانگ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ منعقد

راولپنڊي - 18 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ملٽري اڪيڊمي (پي ايم اي) ڪاڪول ۾ 153 هين پي ايم اي لانگ ڪورس، 38 هين ٽيڪنيڪل گريجوئيٽ ڪورس، 72 هين انٽيگريٽڊ ڪورس، 15 هين مجاهد ڪورس ۽ 27 هين ليڊي ڪيڊٽ ڪورس جي ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ منعقد ڪئي وئي. ڇنڇر ڏينهن آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق پاڪستان ملٽري اڪيڊمي مان عراق، مالديپ، نيپال، فلسطين، قطر …

راولپنڊي – 18 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ملٽري اڪيڊمي (پي ايم اي) ڪاڪول ۾ 153 هين پي ايم اي لانگ ڪورس، 38 هين ٽيڪنيڪل گريجوئيٽ ڪورس، 72 هين انٽيگريٽڊ ڪورس، 15 هين مجاهد ڪورس ۽ 27 هين ليڊي ڪيڊٽ ڪورس جي ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ منعقد ڪئي وئي. ڇنڇر ڏينهن آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق پاڪستان ملٽري اڪيڊمي مان عراق، مالديپ، نيپال، فلسطين، قطر ۽ سريلنڪا سميت ڪيترن ئي دوست ملڪن جي ڪيڊٽس پڻ گريجوئيشن ڪئي آهي. پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو نشان امتياز (ملٽري) حلال جرئت خاص مهمان طور تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پاڪ فضائيه جي سربراهه پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ ڪيڊٽس کي اعزازن سان به نوازيو. 153 هين پي ايم اي لانگ ڪورس جي اڪيڊي جي سينئر انڊر آفيسر بلال نسيم کي اعزازي تلوار سان نوازيو ويو. 153 هين پي ايم اي لانگ ڪورس جي بٽالين جي سينئر انڊر آفيسر محمد سعد موسيٰ کي پريزيڊنٽ گولڊ ميڊل ۽ 153 هين پي ايم اي لانگ ڪورس جي دوست ملڪ نيپال سان تعلق رکندڙ سينئر انڊر آفيسر پوبن ڪنور کي چيف آف ڊفينس فورسز اوورسيز گولڊ ميڊل جڏهن ته 153 هين پي ايم اي لانگ ڪورس جي جنٽلين ڪيڊٽ مسعود الرحمان کي مارڪس مين ميڊل سان نوازيو ويو. آءِ ايس پي آر مطابق 38 هين ٽيڪنيڪل گريجوئيٽ ڪورس جي انڊر آفيسر حيدر بن عابد کي چيف آف آرمي اسٽاف ڪين سان نوازيو ويو. 15 هين مجاهد ڪورس ۾ سارجنٽ پير محمد عبدالله شاهه کي چيف آف آرمي اسٽاف ڪين ڏني وئي. 72 هين انٽيگريٽڊ ڪورس جي ڪورس انڊر آفيسر علي بن وقار ۽ 72 هين ليڊي ڪورس جي انڊر آفيسر وليه زيب کي ڪمانڊنٽ ڪينز سان نوازيو ويو. 

مزید خبریں