اسلام آباد - 18 اپريل (اي پي پي) پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن انطاليه ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي انطاليه ۾ پنهنجو ٽيون مشاورتي اجلاس منقعد ڪيو. اجلاس ۾ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ويهڪون ۽ سفارتڪاري اهم حيثيت رکن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران …
پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن جو انطاليه ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي ٽيون مشاورتي اجلاس منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن انطاليه ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي انطاليه ۾ پنهنجو ٽيون مشاورتي اجلاس منقعد ڪيو. اجلاس ۾ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ويهڪون ۽ سفارتڪاري اهم حيثيت رکن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان مطابق پرڏيهي وزيرن ان ڀائيواري کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ، گڏيل رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل مفادن جي اهم شعبن ۾ سهڪار کي وسعت ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











