اسلام آباد - 18 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاس 2026ع جي موقعي تي سٽي بينڪ جي نمائندن سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان ايڪٽينڊڊ فنڊ فيسيليٽي (اي ايف ايف) جي ٽئين جائزي ۽ ريزيلنس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسيليٽي (آر ايس ايف) جي ٻئي جائزي لاءِ اسٽاف …
ناڻي واري وزير جي سٽي بينڪ جي نمائندن سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاس 2026ع جي موقعي تي سٽي بينڪ جي نمائندن سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان ايڪٽينڊڊ فنڊ فيسيليٽي (اي ايف ايف) جي ٽئين جائزي ۽ ريزيلنس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسيليٽي (آر ايس ايف) جي ٻئي جائزي لاءِ اسٽاف ليول معاهدو مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ ان جي منظوري جلد متوقع آهي. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان مطابق سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان هن مهيني 1.4 ارب ڊالر جو يورو بانڊ ڪاميابي سان ادا ڪيو آهي ۽ سعودي عرب جي مسلسل مالي معاونت کي به ساراهيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان 4 سال بعد عالمي مارڪيٽن ۾ واپسي ڪندي يورو بانڊ جاري ڪيو آهي جيڪو سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظهر آهي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي پهرين پانڊا بانڊ جي جاري ٿيڻ بابت اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ان لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي جڏهن ته منظوري جي عمل کي تيز ڪيو پيو وڃي ته جئين مئي ۾ ان جو جاري ٿيڻ ممڪن ٿي سگهي. هن پاڪستان جي وچولي مدي جي مالي حڪمت عملي تي روشني وڌي جنهن ۾ يورو بانڊ، سڪوڪ ۽ روپئي سان لاڳاپيل ڊالر بانڊ ذيعي فنڊنگ حاصل ڪرڻ جو منصوبو شامل آهي. ناڻي واري وزير سٽي بينڪ طرفان پيش ڪيل مالياتي حڪمت عملي کي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته هو پاڪستان جي ڊيبٽ مئنيجمنٽ آفيس سان ويجهو رابطو رکي. ملاقات جي پڄاڻي تي وفاقي وزير پاڪستان ۾ سٽي بينڪ جي موجودگي کي ساراهيو ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.











