ناڻي واري وزير جي ايس اينڊ پي گلوبلز ريٽنگز جي نمائندن سان ملاقات

اسلام آباد - 18 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاس 2026ع جي موقعي تي ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز جي نمائندن سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ جلد ان جي بورڊ مان منظوري متوقع آهي جنهن کانپوءِ ايندڙ قسط …

اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاس 2026ع جي موقعي تي ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز جي نمائندن سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ جلد ان جي بورڊ مان منظوري متوقع آهي جنهن کانپوءِ ايندڙ قسط جاري ٿيندي. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان مطابق سينيٽر محمد اورنگزيب ٻڌايو ته پاڪستان هن مهيني 1.4 ارب ڊالر جو يورو بانڊ ڪاميابي سان ادا ڪيو آهي. هن سعودي عرب طرفان 3 ارب ڊالر جي اضافي مالي معاونت ۽ 5 ارب ڊالر جي ڊپازٽ جي مدي ۾ 2028ع تائين جي توسيع جو به ذڪر ڪيو جنهن سان پرڏيهي مالي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان 4 سالن کانپوءِ عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ واپسي ڪندي يورو بانڊ نجي سطح تي جاري ڪيو ۽ ان جي منافعي واري شرح 7 سيڪڙو کان گهٽ رهي جيڪا سيڙپڪارن جي اعتماد جي علامت آهي. هن پاڪستان جي وچولي مدي جي مالي حڪمت عملي تي به روشني وڌي جنهن ۾ يورو بانڊ، سڪوڪ ۽ روپئي سان لاڳاپيل ڊالر بانڊ جهڙن مختلف ذريعن سان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جو منصوبو شامل آهي. وفاقي وزير پاڪستان جي پهرين پانڊا بانڊ جي جاري ٿيڻ بابت اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ان لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي جڏهن ته لاڳاپيل چيني اداري جي منظوري جو انتظار آهي. ناڻي واري وزير خطي ۾ جاري صورتحال جي اثرن تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت توانائي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ، قيمتن ۽ ترسلي جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪمزور طبقن لاءِ هدفي ڊجيٽل سبسڊيز ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ملاقات جي پڄاڻي تي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي انگن اکرن ۽ سڌارن جي رفتار ملڪ جي ريٽنگ ۾ بهتري لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿا.

مزید خبریں