اسلام آباد - 18 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف بهار اجلاس 2026ع جي موقعي تي ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمنٽ بينڪ جي صدر زوجيايي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ناڻي واري وزير، زوجيايي کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ پاڪستان ۾ اي آءِ آءِ بي جي مضبوط ڪردار کي ساراهيو جنهن تحت هن وقت اٽڪل 1.7 ارب ڊالر جا …
ناڻي واري وزير جي اي آءِ آءِ بي جي صدر سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف بهار اجلاس 2026ع جي موقعي تي ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمنٽ بينڪ جي صدر زوجيايي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ناڻي واري وزير، زوجيايي کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ پاڪستان ۾ اي آءِ آءِ بي جي مضبوط ڪردار کي ساراهيو جنهن تحت هن وقت اٽڪل 1.7 ارب ڊالر جا منصوبا جاري آهن جڏهن ته وڌيڪ 1 ارب ڊالر جا منصوبا غور هيٺ آهن. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان مطابق سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ واپسي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته 4 سال جي وقفي کانپوءِ يورو بانڊ جاري ڪيو ويو، جيڪو نجي سطح تي ڪيو ويو ۽ هي پاڪستان جي معاشي بهتري تي اعتماد جو مظهر آهي. هن پاڪستان جي پهرين پاندا بانڊ کي به هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. وفاقي وزير خطي ۾ جاري صورتحلا سبب پاڪستان جي توانائي سپلاءِ تي اثرن کان به آگاهه ڪيو. هن پاڪستان جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان عالمي بينڪ سان 10 سالن جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ سان 5 سالن جي حڪمت عملي جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ آبادي، موسمياتي تبديلي ۽ مالياتي سڌارن کي اهميت ڏني وئي آهي. ناڻي واري وزير اي آءِ آءِ بي کي پاڪستان جي انفراسٽرڪچر منصوبن ۾ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته بينڪ جو ملٽي ايئر لينڊنگ پروگرام منصوبن کي بهتر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته اي آءِ آءِ بي سان پاڪستان ۾ منصوبن تي عملدرآمد جي رفتار عالمي بينڪ ۽ اي ڊي بي جي ڀيٽ ۾ گهٽ رهي آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبن ۾ دير ختم ڪرڻ لاءِ 4 خاص ڪميٽيون قائم ڪيون آهن جيڪي زمين حاصل ڪرڻ، فنڊز جي فراهمي، قائدن ۽ ضابطن ۽ خريداري جي معاملن کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم جاري رکندي.











