اسلام آباد - 18 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي بينڪ جي انتظام هيٺ ڊجيٽل طريقي سان سماجي تحفظ جي فراهمي، پاڪستان، وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا جي تجربن ۽ جدت جي عنوان هيٺ منعقد ٿيل رائونڊ ٽيبل ۾ شرڪت ڪئي. اهو اجلاس عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاس 2026ع جي موقعي تي واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد ٿيو. ناڻي واري …
ناڻي واري وزير جي عالمي بينڪ جي رائونڊ ٽيبل ۾ شرڪت، ڊجيٽل سماجي تحفظ ۽ شموليت تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي بينڪ جي انتظام هيٺ ڊجيٽل طريقي سان سماجي تحفظ جي فراهمي، پاڪستان، وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا جي تجربن ۽ جدت جي عنوان هيٺ منعقد ٿيل رائونڊ ٽيبل ۾ شرڪت ڪئي. اهو اجلاس عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاس 2026ع جي موقعي تي واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد ٿيو. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان جي ڊجيٽل پبلڪ انفراسٽرڪچر (ڊي پي آءِ) جو سفر ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊجيٽل تبديلي جهڙن اهم موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ناڻي واري وزارت پنهنجي شروعاتي جملن ۾ ڪووڊ ۽ وچ اوڀر ۾ جاري صورتحال جو جائزو پيش ڪيو. هن چيو ته ڪووڊ تاريخ جو سڀ کان وڏو طب جو جهٽڪو هو، جڏهن ته موجوده صورتحال هڪ وڏو سپلاءِ شارٽ آهي. هن چيو ته جن ملڪن وقت تي گورننس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ سيڙپڪاري ڪئي اهي ڪووڊ دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري سگهيا ۽ پاڪستان پنهنجي ڊجيٽل بنيادن جي ڪري موجوده چيلينجز کي بهتر طريقي سان منهن ڏئي رهيو آهي. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته موٽر سائيڪل سوارن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ننڍن هارين لاءِ هدفي ڊجيٽل سبسڊيز هڪ مضبوط ڊجيٽل ادائيگي نظام ذريعي آساني سان فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڊجيٽل سماجي تحفظ صرف ادائگي وارو نظام نه پر مالي شموليت ۽ معاشي خودمختياري جو هڪ اهم ذريعو آهي. جنهن جي ذريعي خاص طور تي عورتن کي بينڪ اڪائونٽ تائين پهچ ۽ ڊجيٽل ڏيتي ليتي جي سهولت ملي رهي آهي، جنهن سان ڊگهي مدي لاءِ معيشت ۾ شامل ٿيڻ ۽ غير رسمي شعبي جي دستاويزي شڪل کي هٿي ملي رهي آهي.











