ناڻي واري وزير جي آمريڪا جي ناڻي واري وزارت جي ڊپٽي سيڪريٽري سان ملاقات

اسلام آباد-18 اپريل(اي پي پي) ناڻي واري وزير وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاس 2026ع جي موقعي تي آمريڪا جي ناڻي کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري فرانس بروڪ سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وفاقي وزير پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام، انٽرنيشنل ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ ٻيهر داخلا جي منصوبي ۽ پرڏيهي قرضن جي نظم و نسق جي حڪمت عملي جو …

اسلام آباد-18 اپريل(اي پي پي) ناڻي واري وزير وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاس 2026ع جي موقعي تي آمريڪا جي ناڻي کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري فرانس بروڪ سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وفاقي وزير پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام، انٽرنيشنل ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ ٻيهر داخلا جي منصوبي ۽ پرڏيهي قرضن جي نظم و نسق جي حڪمت عملي جو جائزو پيش ڪيو. ناڻي واري وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب هن پاڪستان جي معدنيات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي اهم موقعن کي اجاگر ڪيو ۽ آمريڪا جي ناڻي کاتي جي قيادت کي ڊجيٽل ۽ ورچوئل اثاثن واري ضابطن ۾ اڳڀرائي ۽ امڪانن کي ظاهر ڪيو. ٻنهي ڌرين توانائي، معدني ترقي ۽ مني لانڊرنگ جي روڪ ٿام ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي روڪ ٿام واري فريم ورڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سهڪار جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير ٻه طرفي اقتصادي لاڳاپن جي گهرائي ۽ مضبوطي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان جي عالمي مالياتي فنڊ پروگرام لاءِ آمريڪا جي لڳاتار حمايت جي اهميت تي زور ڀريو.

مزید خبریں