اسلام آباد-18 اپريل (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ورثي ۽ ثقافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم ۽ انهن سمورن ماڻهن کي مبارڪون ڏنيون آهن جيڪي اسان جي گڏيل انساني ورثي جي تحفظ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن، وزارت پاران جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته هي ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ثقافتي ورثي کي …
پاڪستان مختلف رنگن جو ورثو رکندڙ ملڪ آهي: وفاقي وزير اورنگزيب کچي

مزید خبریں
اسلام آباد-18 اپريل (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ورثي ۽ ثقافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم ۽ انهن سمورن ماڻهن کي مبارڪون ڏنيون آهن جيڪي اسان جي گڏيل انساني ورثي جي تحفظ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن، وزارت پاران جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته هي ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ثقافتي ورثي کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ رکڻ ڪيتري اهم ذميواري آهي، جنهن کي عالمي سطح تي يونيسڪو به تسليم ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان هڪ ڀرپور ۽ مختلف رنگن تي ٻڌل ورثو رکندڙ ملڪ آهي جيڪو اسان جي تاريخ جي گهرائي، ثقافتي رنگن ۽ عوام جي ثابت قدمي جي عڪاسي ڪري ٿو. قديم تهذيبن کان وٺي شاندار تعيمراتي شاهڪارن ۽ جيئرن جاڳندن روايتن تائين، اسان جو ورثو اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ فخر جو اهم ٿنڀ آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو ورثو قديم هجري دور کان شروع ٿي نئين هجري دور، ٽامي جي زماني، عظيم سنڌ وادي جي تهذيب، گنڌارا جي دلڪش فن، شاندار اسلامي دورن ۽ مغليه سلطنت جي عظيم يادگارن تائين پکڙيل آهي، پاڪستان جي عالمي ورثي جا ماڳ نه رڳو سنڌ جي تهذيب پر گنڌارا جي ٻڌمت فن ۽ ننڍي کنڊ جي اسلامي ۽ مغليه طرز تعمير جي شان ۽ شوڪت جي ڀرپور نمائندگي ڪن ٿا. هن سمورين لاڳاپيل ڌرين، سرڪاري ادارن، صوبائي حڪومتن، مقامي برادري ۽ خاص ڪري نوجوانن کي اپيل ڪئي ته هو قومي ورثي جي تحفظ، بحالي ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تيز ڪن. پائيدار تحفظ نه رڳو اسان جي قومي ذميواري آهي پر سياحت، تعليم سماجي ۽ معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ جو هڪ موثر ذريعو به آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ورثي بابت ادارا پنهنجي عالمي ورثي جي ماڳن ۽ تاريخي يادگارن جي تحفظ، مرمت، سارسنڀال ۽ موثر انتظامن لاءِ جديد گهرجن ۽ پيشيوراڻي مهارت سان ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پنهنجي پيغام ۾ آخر ۾ وفاقي وزير چيوته اچو ته اسان سڀ گڏجي ان عظيم جي تجديد ڪريون ته اسان پنهنجي قومي ورثي کي محفوظ رکنداسين ۽ ايندڙ نسلن تائين نه رڳو ان حالت ۾ منتقل ڪنداسين پر وڌيڪ بهتر ۽ مستحڪم بڻائيندي اڳتي وڌائينداسين.











