لاهور-18 اپريل (اي پي پي) لاهور کان حج پانڌيئڙن جي پهرين اڏام ڪالهه 340 حج پانڌئيڙن کڻي سعودي ايئر لائين ايس وي 5735 ذريعي مديني منوره رواني ٿي وئي. حج پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ لاهور ايئرپورٽ کي پهريون ڀيرو روٽ ٽو مڪه پراجيڪيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. لاهور مان پهريون ڀيرو حج اڏام روٽ ٽو مڪه تحت رواني ٿي آهي. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف پاڪستان …
لاهور کان حج پانڌيئڙن جي پهرين اڏام 340 حج پانڌئيڙا کڻي مديني منوره رواني، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن پانڌيئڙن کي الوداع ڪيو

مزید خبریں
لاهور-18 اپريل (اي پي پي) لاهور کان حج پانڌيئڙن جي پهرين اڏام ڪالهه 340 حج پانڌئيڙن کڻي سعودي ايئر لائين ايس وي 5735 ذريعي مديني منوره رواني ٿي وئي. حج پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ لاهور ايئرپورٽ کي پهريون ڀيرو روٽ ٽو مڪه پراجيڪيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. لاهور مان پهريون ڀيرو حج اڏام روٽ ٽو مڪه تحت رواني ٿي آهي. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي، پاڪستان علما ڪائونسل جي چيئرمين مولانا طاهر محمود اشرفي، صوبائي وزيرن خواجه سلمان رفيق، ميان مجتبيٰ شجاع الرحمان پانڌيئڙن کي ايئرپورٽ تان الوداع ڪيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن ان لاءِ تاريخي موقعو آهي ته هو روٽ ٽو مڪه تحت پهرين اڏام کي رخصت ڪري رهيا آهن، مان الله تعاليٰ جو شڪر گذار آهيان، هن مون کي هنن مهمانن جي خدمت جو موقعو ڏنو آهي. سردار محمد يوسف چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جون خاص هدايتون هيون ته حج پانڌيئڙن کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن، اسان سڀ حج پانڌيئڙن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته لاهور کان 30 هزار جي لڳ ڀڳ حج پانڌيئڙا روانا ٿيندا، جڏهن ته 95800 پاڪستاني حج پانڌيئڙا اٽڪل 80 سيڪڙو روٽ ٽو مڪه جي سهولت حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته پهريون ڀيرو هر 188 حج پانڌيئڙن سان هڪ ناظم مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته هر حاجي کي مفت آن لائن نيٽ سروس فراهم ڪئي ويندي، جنهن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت به شامل هوندي. وفاقي وزير چيو ته حج جي سفر کي وڌيڪ سولو بڻائڻ لاءِ ايئر ڪنڊيشنڊ خيما موجود هوندا، هن سال 24 هزار حج پانڌيئڙن کي مڪي ۽ مديني وچ ۾ جديد ترين سهولتون فراهم ڪيون وينديون، حج پانڌيئڙا سعودي عرب جي قانون تي عمل ڪن ۽ پاڪستان لاءِ خصوصي دعا ڪن.











