ملتان-18 اپريل(اي پي پي) توهان خوش نصيب آهيو جو الله تعالي توهان کي پنهنجي گهر جي حاضري جو موقعو ڏنو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملتان مان پهرين حج اڏام جي روانگي جي موقعي تي منعقد تقريب جي موقعي تي حج پانڌيئڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حج هڪ عظيم عبادت آهي، جيڪا انسان کي صبر، برداشت ۽ قرباني جو درس ڏئي …
ملتان انٽر نيشنل ايئر پورٽ تي حج آپريشن جي شروعات ٿي وئي

مزید خبریں
ملتان-18 اپريل(اي پي پي) توهان خوش نصيب آهيو جو الله تعالي توهان کي پنهنجي گهر جي حاضري جو موقعو ڏنو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملتان مان پهرين حج اڏام جي روانگي جي موقعي تي منعقد تقريب جي موقعي تي حج پانڌيئڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حج هڪ عظيم عبادت آهي، جيڪا انسان کي صبر، برداشت ۽ قرباني جو درس ڏئي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته حڪومت پاران هن سال حج پانڌيئڙن کي جديد سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جن ۾ ميڊيڪل سهولتون ۽ ڊجيٽل سهولتون شامل آهن، جڏهن ته عالمي مهانگائي باوجود حج پيڪيج ۾ اضافو نه ڪرڻ هڪ وڏو ريليف آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايران آمريڪا جنگ بندي ۾ پاڪستان بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي. تقريب دوران حج پانڌيئڙن لاءِ اجتماعي دعا پڻ ڪرائي وئي، جنهن ۾ ملڪ جي ترقي، سلامتي ۽ مسلمان امت جي امن لاءِ خاص دعائون ڪيون ويون. سعودي روانگي جي موقعي تي سينيٽ چيئرمين حج پانڌيئڙن کي گلن جا هار پارايا ۽ نيڪ خواهشن سان رخصت ڪيو.











