سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير سان ايٿوپيا جي سفير جي ملاقات، واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر عمر حسين اوبا اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير سفير جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ايٿوپيا وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي ساراهيو. سفير پاڪستاني عوام جي مهمانوازي ۽ ڀرپور ثقافت جي ساراهه ڪندي عالمي امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ۽ تعميري ڪردار …

اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر عمر حسين اوبا اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير سفير جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ايٿوپيا وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي ساراهيو. سفير پاڪستاني عوام جي مهمانوازي ۽ ڀرپور ثقافت جي ساراهه ڪندي عالمي امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ۽ تعميري ڪردار تي وفاقي وزير کي مبارڪون ڏنيون. سيڙپڪاري بورڊ واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي مدبراڻي قيادت ۽ سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سندن ڪوششن سان پاڪستان جو عالمي مقام مستحڪم ٿيو آهي ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملي آهي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون تي ڳالهيون ڪيون. سفير ايٿوپيا جي وسيع گنجائش تي روشني وجهندي ٻڌايو ته ملڪ جي آبادي اٽڪل 13ڪروڙ آهي ۽ ان جا مختلف اقتصادي شعبا تيزي سان ترقي ڪري رهيا آهن. هن زراعت، وچ اوڀر کي لائيو اسٽاڪ جي روانگي واپار ۽ هائيڊرو پاور جي شعبي ۾ ايٿوپيا جي مضبوط پوزيشن کي اجاگر ڪيو جتي گهٽ لاڳت سان بجلي دستياب آهي. سفير ايٿوپين ايئر لائنز جي ڪاميابي جو به ذڪر ڪيو جيڪو دنيا جي پهرين نمبر جي ايئر لائنز ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ هن وقت ڪراچي کان آپريشن جاري رکيو آهي جڏهن ته ڪارگو سروسز ۾ وڌيڪ واڌ تي غور ڪيو پيو وڃي. هن ايٿوپيا جي ثقافتي جدت کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي ثقافت ۾ نمايان هڪجهڙائي ڏٺي وڃي ٿي، هن ٻڌايو ته ڪافي ايٿوپيا جي اهم روانگي واپار ۾ شامل آهي ۽ پاڪستان کي ايٿوپيا جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ گهرجي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ زراعت، معدنيات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو ۽ هن بورڊ آف انويسٽمينٽ جي ڪردار، سيڙپڪارن جي سهولتڪاري، خصوصي اقتصادي زونز ۽ ٽيڪس رعايتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. هن ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ جاري ريگوليٽري سڌارن تي به روشني وڌي. ڌرين ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته پاڪستان جي عالمي سڃاڻپ بهتر ٿي رهي آهي ۽ ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ وسيع امڪان موجود آهن. سفير وفاقي وزير کي ايٿوپيا جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي وفاقي وزير فراخدلي سان قبول ڪيو.

مزید خبریں