صدر مملڪت پاران لبنان ۾ جنگ بندي واري اعلان جي آجيان

اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري لبنان ۾ جنگ بندي واري اعلان جي آجيان ڪندي ان کي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ امن جي بحالي طرف اهم قدم قرار ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتان گهٽ ڪرڻ لاءِ علائقائي ۽ عالمي حصيدارن سان فعال طور تي رابطي ۾ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب …

اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري لبنان ۾ جنگ بندي واري اعلان جي آجيان ڪندي ان کي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ امن جي بحالي طرف اهم قدم قرار ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتان گهٽ ڪرڻ لاءِ علائقائي ۽ عالمي حصيدارن سان فعال طور تي رابطي ۾ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت چيو ته پاڪستان خطي جي استحڪام کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته پائيدار امن صرف ڳالهين، خودمختياري جي گڏيل احترام ۽ عالمي قانونن جي پاسداري ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جنگ بندي جٽادار امن طرف اڳڀرائي جو هڪ موقعو آهي. لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجائيندي صدر مملڪت چيو ته اولهه ايشيا ۾ پائيدار امن جو دارومدار تڪرارن جي بنيادي سببن جي حل تي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ علائقائي ۽ عالمي حصيدارن سان فعال طور رابطي ۾ آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ منصفاڻي، جٽادار ۽ جامع امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر مخلصاڻي قدمن جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ٻن هفتن جي جنگ بندي جي وسيع تر مفاد ۾ لبنان تحمل جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته اسرائيل طرفان جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. صدر مملڪت چيو ته جنگ بندي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. صدر مملڪت چيو ته ان اهم مرحلي تي ضروري آهي ته سموريون ڌريون صبر، تحمل ۽ ذميواراڻو طرز عمل اختيار ڪن.

مزید خبریں