نائب وزيراعظم جي ترڪ جمهوريه اتر قبرص جي پرڏيهي وزير سان ملاقات، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون بابت خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انطاليه ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي ترڪ جمهوريه اتر قبرص جي پرڏيهي وزير تحسين ارطغرل اوغلو سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران ڌرين مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ خاص ڪري ترڪ جمهوريه اتر …

اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انطاليه ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي ترڪ جمهوريه اتر قبرص جي پرڏيهي وزير تحسين ارطغرل اوغلو سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران ڌرين مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ خاص ڪري ترڪ جمهوريه اتر قبرص ۾ رهندڙ پاڪستانين جي تعليم ۽ ڀلائي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ويجها رابطا برقرار رکڻ ۽ پنهنجي ماڻهن جي گڏيل فائدي کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو.

مزید خبریں