اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري ماهيگيري جي شعبي ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پهرين ڀيرو پاڪستاني مڇي ۽ سي فوڊ جي روس کي روانگي واپار جو رستو هموار ٿي ويو آهي، جنهن سان ملڪي معيشت کي فائدو پهچڻ جي اميد آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ٻڌايو ته پاڪستان جي 16 ڪمپنين کي روس …
پاڪستاني سي فوڊ جي روس کي روانگي واپار جو رستو هموار، ملڪي معيشت کي وڏو فائدو متوقع آهي: وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري ماهيگيري جي شعبي ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پهرين ڀيرو پاڪستاني مڇي ۽ سي فوڊ جي روس کي روانگي واپار جو رستو هموار ٿي ويو آهي، جنهن سان ملڪي معيشت کي فائدو پهچڻ جي اميد آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ٻڌايو ته پاڪستان جي 16 ڪمپنين کي روس ۾ مڇي جو روانگي واپار ڪرڻ جي اجازت ملي چڪي آهي، جيڪا ان شعبي ۾ هڪ تاريخي ڪاميابي آهي. وفاقي وزير مطابق روسي مارڪيٽ تائين پهچ کانپوءِ يوريشين اڪنامڪ يونين جي ٻين ملڪن تائين به پاڪستاني سي فوڊ جي روانگي واپار جا امڪان روشن آهن. هن چيو ته ميرين فشريز ڊيپارٽمينٽ سي فوڊ جي روانگي واپار لاءِ عالمي معيار کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستاني مصنوعات عالمي مارڪيٽ ۾ برابري حاصل ڪري رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو سالياني سي فوڊ جو روانگي واپار 500 ملين ڊالر کان وڌڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته روس جي مارڪيٽ ۾ داخلا سان اهو ڳاڻيٽو وڌي 800 ملين ڊالر تائين پهچي سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته روس کي روانگي واپار ذريعي شروعاتي طور تي 300 ملين ڊالر جي آمدني متوقع آهي. سي فوڊ جي فراهمي لاءِ سامونڊي، فضائي ۽ زميني رستا استعمال ڪيا ويندا جڏهن ته مرڪزي ايشيائي ملڪن تائين زميني رستو گهٽ خرچ واري واپاري راهداري ثابت ٿيندي. هن چيو ته قازقستان، ازبڪستان ۽ ترڪمانستان ۾ پاڪستاني مڇي جي وڏي طلب موجود آهي، جنهن سان روانگي واپار ۾ وڌيڪ اضافو متوقع آهي.











