پاور ڊويزن واري وفاقي وزير پاران پاور سيڪٽر ملازمن کي فري يونٽس جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان

اسلام آباد-17 اپريل(اي پي پي)پاور ڊويزن جي وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري پاور سيڪٽر ملازمن جي فري يونٽس جي حوالي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پاور سيڪٽر ملازمن جي فري يونٽس واري سهولت ختم ڪئي وئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ هن چيو …

اسلام آباد-17 اپريل(اي پي پي)پاور ڊويزن جي وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري پاور سيڪٽر ملازمن جي فري يونٽس جي حوالي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پاور سيڪٽر ملازمن جي فري يونٽس واري سهولت ختم ڪئي وئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ هن چيو ته معزز عدالت پاور ڊويزن جي درخواست قبول ڪئي، فري يونٽس جي خاتمي لاءِ عوام ڊگهي عرصي کان مطالبو ڪري رهيو هو. هن چيو ته قدرت واري مطالبو پورو ڪرڻ جو اعزاز اسان کي ڏنو، هر اهو قدم ضرور کنيو ويندو جيڪو ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ هوندو.

مزید خبریں