اسلام آباد-17 اپريل(اي پي پي)سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي ايس رينٽل ريٽ جي يونٽس جي پاڪستان ا اسٽاڪ ايڪسچينج ذريعي پبلڪ آفرنگ جي منظوري ڏني آهي. ان آڇ تحت سيڙپڪار رينٽل ريئل اسٽيٽ انويسٽمينٽ ٽرسٽ(ريٽ) جا يونٽ خريد ڪري باقاعده آمدني حاصل ڪري سگهندا جنهن سان انهن کي ڪيپيٽل مارڪيٽ ذريعي ريئل اسٽيٽ سان ڳنڍجي منافعو ڪمائڻ جو موقعو ملندو. ايس اي سي پي موجب جي ايس رينٽل …
سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي ايس رينٽل جي يونٽس جي پاڪستان اسٽاڪ ايسچينج ذريعي پبلڪ آفرنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-17 اپريل(اي پي پي)سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي ايس رينٽل ريٽ جي يونٽس جي پاڪستان ا اسٽاڪ ايڪسچينج ذريعي پبلڪ آفرنگ جي منظوري ڏني آهي. ان آڇ تحت سيڙپڪار رينٽل ريئل اسٽيٽ انويسٽمينٽ ٽرسٽ(ريٽ) جا يونٽ خريد ڪري باقاعده آمدني حاصل ڪري سگهندا جنهن سان انهن کي ڪيپيٽل مارڪيٽ ذريعي ريئل اسٽيٽ سان ڳنڍجي منافعو ڪمائڻ جو موقعو ملندو. ايس اي سي پي موجب جي ايس رينٽل ريٽ هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي مين بورڊ تي ٿيل نائين لسٽنگ آهي جڏهن ته اها هلندڙ سال لسٽ ٿيل ٽئين ريٽ اسڪيم هوندي.نئين لسٽنگ کان پوءِ پي ايس ايڪس تي لسٽڊ ريٽ اسڪيمز جو گڏيل تعداد ڇهه ٿي ويندو.جي ايس ريٽ جي يونٽس جي آفرنگ تحت ريٽ جا 25 سيڪڙو يونٽ يعني 53.6 ملين يونٽ، فڪسڊ پرائس ميڪانزم ذريعي سيڙپڪارن کي پيش ڪيا ويندا. ايس اي سي پي موجب جي ايس رينٽل ريٽ جو نظام جي ايس انويسٽمنٽ ڪري رهي آهي. ايس اي سي پي جو چوڻ آهي ته نئين لسٽنگز جو سيڙپڪارن تي وڌنڌڙ اعتماد ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته نيئين لسٽنگ سان پاڪستان جي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا موقعا وسيع ٿي رهيا آهن.











