شڪارپور کان سکر تائين پيپلز بس سروس جي افتتاحي تقريب

لاڙڪاڻو/شڪارپور -17 اپريل(اي پي پي ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شڪارپور ۽ سکر ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي، جيڪو پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري طرفان شڪارپور جي عوام لاءِ تحفو آهي، جڏهن ته جيڪا بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي. اهڙو اظهار هن شڪار پور ۾ افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته  عوام کي ان جو تحفظ …

لاڙڪاڻو/شڪارپور -17 اپريل(اي پي پي ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شڪارپور ۽ سکر ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي، جيڪو پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري طرفان شڪارپور جي عوام لاءِ تحفو آهي، جڏهن ته جيڪا بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي. اهڙو اظهار هن شڪار پور ۾ افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته  عوام کي ان جو تحفظ ڪرڻو پوندو، اهي بسون عوام جي ملڪيت آهن عوام کي ئي انهن جو خيال رکڻو پوندو، بس جو اڌ ڪرايو  سنڌ حڪومت ۽ اڌ مسافر ڏيندا. صوبائي وزير چيو ته حڪومت سنڌ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪيا آهن جڏهن ته سوچيل سمجهيل منصوبن تحت سنڌ حڪومت خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن، پيپلز پارٽي جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ صوبائي حڪومت جي  انتظام هيٺ سڀ کان بهترين روڊ رستا آهن. اسان وٽ پاڪستان جون بهترين اسپتالون آهن. آٽرم سينٽر ۾ به جيڪي سهولتون سنڌ حڪومت ڏئي رهي آهي، ان جو مقابلو پاڪستان جي ڪنهن به اداري سان نه پر عالمي ادارن سان آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي معاشري جي هر فرد لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. پيٽروليم شين جون قيمتون وڌيون ته حڪومت سنڌ موٽر سائيڪل سوارن لاءِ 2000 رپيا ماهوار سبسڊي شروع ڪئي. 25 ايڪڙ کان گهٽ زمين رکندڙ هارين کي رجسٽرڊ ڪيو، ڪڻڪ پوکڻ لاءِ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ جون ٻوريون مفت ۾ فراهم ڪيون. تازو ٿريشر هلائڻ وارن لاءِ 1500 في ايڪڙ جي حساب سان 3 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي سبسڊي ڏئي چڪا آهيون، رقم هارين تائين پهچي به چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته شڪارپور جي ترقي لاءِ رات ڏينهن ڪم ٿي رهيا آهيون، مفت ۾ سولر فراهم ڪيا پيا وڃن. ڀينرن کي چوان ٿو ته  اگتي وڌي  مفت ۾ پنڪ اسڪوٽيون حاصل ڪن.