انطاليا -17 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان جمهوريا ڪوريا جي پرڏيهي وزارت ۾ اسٽريٽجي ۽ انٽيلي جنس جي نائب وزير جيونگ يوندو ملاقات ڪئي، اها ملاقات ترڪيه ۾ انطاليا ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي ٿي. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزير جيونگ يوندو خطي …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان جمهوريا ڪوريا جي نائب وزير جي ملاقات، امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪرادار جي ساراهه

مزید خبریں
انطاليا -17 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان جمهوريا ڪوريا جي پرڏيهي وزارت ۾ اسٽريٽجي ۽ انٽيلي جنس جي نائب وزير جيونگ يوندو ملاقات ڪئي، اها ملاقات ترڪيه ۾ انطاليا ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي ٿي. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزير جيونگ يوندو خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ جاري سفارتي ڪوششن ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو.











