تهران-17 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي تهران ۾ پنهنجي ايراني هم منصب سڪندر مومني سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ايران جي پرڏيهي وزير سڪندر مومني جنگ بندي جي قيام ۽ مصالحتي ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته برادر ملڪ پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ جنگ بندي …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي تهران ۾ ايراني هم منصب سڪندر مومني سان ملاقات، خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
تهران-17 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي تهران ۾ پنهنجي ايراني هم منصب سڪندر مومني سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ايران جي پرڏيهي وزير سڪندر مومني جنگ بندي جي قيام ۽ مصالحتي ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته برادر ملڪ پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ جنگ بندي ممڪن ٿي، جنهن کي ايران قدر جي نظر سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ايران پاڪستان جي مخلصاڻي ۽ هاڪاري ڪردار کي هميشا ياد رکندو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ وچ اوڀر جي تڪرار جي پائيدار حل لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون جاري آهن. هن زور ڀريو ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي، پر ڳالهيون ئي تڪرارن جي حل جو واحد اثرائتو ذريعو آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي امن ۽ سلامتي ۽ ٻه طرفا سهڪار کي وڌيڪ ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو.











