پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ معدني شعبي جي ترقي ۽ جيو سائنسي صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم سهڪار جي شروعات

اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ معدني شعبي جي ترقي ۽ جيو سائنسي صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم سهڪار جي شروعات ڪئي وئي آهي. پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ گڏيل طور تي ان جي سگهه وڌائڻ جي پروگرام جي شروعات ڪئي آهي. هي پروگرام جيو لوجيڪل سروي آف پاڪستان ۾ باقاعدي طور شروع ڪيو …

اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ معدني شعبي جي ترقي ۽ جيو سائنسي صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم سهڪار جي شروعات ڪئي وئي آهي. پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ گڏيل طور تي ان جي سگهه وڌائڻ جي پروگرام جي شروعات ڪئي آهي. هي پروگرام جيو لوجيڪل سروي آف پاڪستان ۾ باقاعدي طور شروع ڪيو ويو جنهن کي پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ وڌندڙ سهڪار جو هڪ اهم سنگِ ميل قرار ڏنو پيو وڃي. هي قدم برطانيه جي مالي تعاون سان جاري REMIT پروگرام تحت شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ برطانيه جو ناليواري جيو سائنس ڪمپني انٽرنيشنل جيو سائنس سروسز (آءِ جي ايس) به حصيدار آهي. پروگرام اپريل کان جولاءِ 2026ع تائين جاري رهندو ۽ ان جو مقصد جديد عالمي معيار موجب عملي تربيت فراهم ڪري جي ايس پي جي فني صلاحيت کي مضبوط بنائڻ آهي. تقريب کي خطاب ڪندي علي پرويز ملڪ برطانوي حڪومت ۽ هاءِ ڪمشنر جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته موجوده عالمي حالتون ۽ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ هائيڊرو ڪاربنز تي حد کان وڌيڪ دارومدار جو خطرو هڪ ڀيرو ٻيهر اجاگر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهڙين حالتن ۾ جيو لوجيڪل سروي آف پاڪستان جهڙن ادارن کي مضبوط بنائڻ نهايت ضروري آهي ته جيئن پاڪستان کي معدنيات جي ڳولا ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ هڪ پُرڪشش ملڪ بڻائي سگهجي. هن ان عزم کي ورجايو ته حڪومت معدني شعبي کي پائيدار، شفاف ۽ سيڙپڪار دوست بنيادن تي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. وفاقي وزير برطانوي هاءِ ڪميشن ۽ يو ڪي فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته برطانيه طرفان مختلف شعبن ۾ حصيداري ساراهه جوڳي آهي. ان جو چوڻ هو ته جي ايس پي ۾ شروع ڪيل هي پروگرام پاڪستاني سائنسدانن کي جديد اوزارن ۽ طريقيڪار کان روشناس ڪرائيندو، اداره جاتي صلاحيت ۾ واڌارو آڻيندو ۽ ڪم جي طريقيڪار کي وڌيڪ مؤثر بڻائيندو. ان موقعي تي برطانوي هاءِ ڪمشنر پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ ۾ تعاون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ معدني وسيلن جا بي پناهه امڪان موجود آهن جڏهن ته انهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ ڀروسي جوڳي ۽ جديد ڊيٽا جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته ان جي حصيداريءَ ذڙيعي برطانيه پاڪستان کي مهارت، نظام ۽ شفافيت فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي رهيو آهي ته جيئن ذميداراڻه سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائي سگهجي ۽ ڊگهي مُدي جي اقتصادي امڪانن کي يقيني بڻائي سگهجي. هن پاڪستان جي امن لاءِ سفارتي ڪوششن کي به ساراهيو ۽ چيو ته برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر به برطانوي پارليامينٽ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو آهي. تقريب جيو لوجيڪل سروي آف پاڪستان جي جيو سائنس ايڊوانسڊ ريسرچ ليبارٽريز اسلام آباد ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ پيٽروليم واري سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ، جي ايس پي جي صلاحڪار ڊاڪٽر حميد اشرف، ڊائريڪٽر جنرل جي ايس پي عدنان عالم سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں