اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته سفارتڪاريءَ کان استحڪام تائين پاڪستان هڪ اهم علائقائي ڪردار طور اُڀري رهيو آهي، امن جون ڪوششون ۽ مالياتي نظم و ضبط پاڪستان جي عالمي وقار کي مضبوط بڻائي رهيا آهن. هن اها ڳالهه عالمي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بئنڪ جي بهار جي موسم جي اجلاس 2026ع جي موقعي تي فاڪس بزنس نيٽ …
سفارتڪاريءَ کان استحڪام تائين پاڪستان هڪ اهم علائقائي ڪردار طور اُڀري رهيو آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته سفارتڪاريءَ کان استحڪام تائين پاڪستان هڪ اهم علائقائي ڪردار طور اُڀري رهيو آهي، امن جون ڪوششون ۽ مالياتي نظم و ضبط پاڪستان جي عالمي وقار کي مضبوط بڻائي رهيا آهن. هن اها ڳالهه عالمي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بئنڪ جي بهار جي موسم جي اجلاس 2026ع جي موقعي تي فاڪس بزنس نيٽ ورڪ جي پروگرام مارننگ ود ماريا ۾ شرڪت جي موقعي تي چئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ خطي ۾ جاري سفارتي ڪوششن ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار تي روشني وڌي. هي انٽرويو ميزبان جي هاڻوڪي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ نشر ٿيو جنهن ۾ هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. ان ڳالهين دوران صدر ٽرمپ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين ۾ سهولتڪاري جي حوالي سان پاڪستاني قيادت جي ڪوششن کي ساراهيو. پروگرام جي شروعات ۾ ان انٽرويو جو هڪ ڪلپ پڻ ڏيکاريو ويو جنهن کان پوءِ ميزبان پاڪستان جي سفارتي سرگرمين جو حوالو ڏيندي ناڻي واري وزير جو مؤقف ڄاڻڻ چاهيو. ناڻي واري وزير آمريڪا، ايران ۽ عالمي برادريءَ طرفان پاڪستان تي ڪيل اعتماد تي ٿورن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني قيادت سفارتي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سرگرم آهي. وزيراعظم خطي ۾ مسلسل رابطن ۽ سفارتڪاري ذريعي جنگبنديءَ کي برقرار رکڻ ۽ وڌيڪ ڳالهين جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هن زور ڀريو ته اهي ڪوششون خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار جي عڪاسي ڪن ٿيون. ناڻي واري وزير وچ اوڀر ۾ جاري تڪرارن جي اثرن جو ذڪر ڪيو ۽ ٻُڌايو ته پاڪستان هن وقت ان جي فوري اثرن جهڙوڪ توانائي جي فراهمي، قيمتن ۽ لاجسٽڪس بابت چئلينجز کي مُنهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت جي فوري ترجيح سپلاءِ چين جي تسلسل کي برقرار رکڻ آهي جڏهن ته مهانگائي، معاشي اؤسر ۽ ٻاهرين شعبي تي ٻئي ۽ ٽئين درجي جي اثرن جو ڀاڙڻ تڪرار جي مدت ۽ شدت تي هوندو. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جا بنيادي معاشي اهڃاڻ مستحڪم آهن ۽ مالياتي پرڏيهي ذخيرا مضبوط ٿيا آهن. هن ٻُڌايو ته پورهيتن پاران پرڏيهه مان موڪليل ناڻو مضبوط پوزيشن ۾ آهي جيڪو مارچ ۾ تقريبن 3.8 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ سر پلس به رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته موجوده مالي سال ۾ پاڪستان تقريبن 4 سيڪڙو معاشي اؤسر واري شرح حاصل ڪري وٺندو ۽ مالياتي ۽ پرڏيهي هدف پورا ڪري وٺندو جنهن ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي تقريبن 3 مهينن جي آمدني واپار جي سطح تي برقرار رکڻ شامل آهي. مالياتي نظم و ضبط جي عزم کي ورجائيندي وفاقي وزير ٻُڌايو ته پاڪستان پنهنجي 1.4 ارب ڊالرن جي يورو بانڊ جي ادائگي وقت سر مڪمل ڪري ورتي. هن سعودي عرب طرفان وقت سر مالي تعاون کي ساراهيو جنهن ۾ 3 ارب ڊالرن جا اضافي ذخيرا ۽ موجوده ڊپازٽس ۾ توسيع شامل آهي جيڪو پاڪستان جي ٻاهرين مالي پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. ناڻي واري وزير مستقبل جي مالي حڪمت عمليءَ تي به روشني وڌي ۽ ٻُڌايو ته حڪومت عالمي مالياتي مارڪيٽن تائين رسائيءَ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجون پهريون پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي جڏهن ته يورو بانڊ ۽ ٻين واپاري مالياتي ذريعن تي به غور ڪيو پيو وڃي ته جيئن فنڊنگ ذريعن کي متنوع بڻائي سگهجي ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد برقرار رکي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام برقرار رکڻ ۽ پنهنجي عالمي ذميدارين کي وقت تي پورو ڪرڻ ۽ محتاط معاشي پاليسين تي عمل ڪرڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو.











