اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي پاڪستاني ڌُر جو هڪ اهم آن لائن اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ مختلف وزارتن ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وفاقي وزير سمورن لاڳاپيل وزارتن کي هدايت جاري ڪئي ته هو سي پيڪ 2.0 لاءِ پنهنجون …
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ سي پيڪ جي جي سي سي جي پاڪستاني ڌُر جو آن لائن اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي پاڪستاني ڌُر جو هڪ اهم آن لائن اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ مختلف وزارتن ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وفاقي وزير سمورن لاڳاپيل وزارتن کي هدايت جاري ڪئي ته هو سي پيڪ 2.0 لاءِ پنهنجون جامع عمل جوڳيون سفارشون 3 ڏينهن اندر جمع ڪرائين ته جيئن ايندڙ مرحلي جي رٿابندي کي مؤثر ۽ تيز بڻائي سگهجي. احسن اقبال هر اقتصادي ڪوريڊور لاءِ ڌار ڪميٽيون قائم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڏني ته جيئن منصوبن تي اڳڀرائيءَ جو مؤثر جائزو وٺي سگهجي. عملدرآمد ۾ موجود رڪاوٽن کي فوري طور ختم ڪري سگهجي. هن وڌيڪ هدايت ڏني ته سي پيڪ جي لانگ ٽرم پلان کي 5 سي ايس ڪنيڪٽوٽي، ڪميونيڪيشن، ڪميونٽي، ڪمرشل ۽ ڪوريڊور ڊولپمينٽ، 5 ايز ايڪسپورٽس، اي پاڪستان، انرجي، انوائرمينٽ ۽ ايڪويٽي فريم ورڪ سان هم آهنگ ڪيو وڃي ته جيئن منصوبن کي جديد گهرجن موجب مؤثر بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هر وزارت 2 کان 3 فليگ شپ منصوبا تجويز ڪري جيڪي ٻه طرفي تعاون جي نَون رُخن کي اجاگر ڪن. اجلاس دوران سي پيڪ تحت زراعت، صنعت، توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ٻي طرف اهم انفراسٽرڪچر منصوبن سميت بابو سرٽنل، ايم-10 موٽر وي ۽ روهڙي- ملتان سيڪشن تي اڳڀرائيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير انهن منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ لاءِ مالياتي معاملن کي تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.











