اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪالهه آءِ ايم ايف جي بهار واري موسم جي اجلاس 2026ع جي موقعي تي روٿس چائلڊ اينڊ ڪمپني جي اعليٰ نمائندن سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان جي 4 سالن جي وقفي کانپوءِ عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ ٻيهر رسائي جي حڪمت عمليءَ تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ٻُڌايو ته ان سلسلي …
ناڻي واري وفاقي وزير جي روٿس چائلڊ اينڊ ڪمپني جي اعليٰ نمائندن سان اهم ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪالهه آءِ ايم ايف جي بهار واري موسم جي اجلاس 2026ع جي موقعي تي روٿس چائلڊ اينڊ ڪمپني جي اعليٰ نمائندن سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان جي 4 سالن جي وقفي کانپوءِ عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ ٻيهر رسائي جي حڪمت عمليءَ تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ٻُڌايو ته ان سلسلي ۾ يورو بانڊز، پانڊا بانڊ ۽ ڊالر ۾ طئي ٿيل رپين سان منسلڪ مالياتي اوزار غور هيٺ آهن. سينيٽر محمد اورنگزيب ٻُڌايو ته پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي تياري جي آخري مرحلي ۾ آهي ۽ ان جي باضابطه منظوري جلد متوقع آهي. ناڻي واري وزير لائبليٽي مئنجمينٽ آپريشن بابت روٿس چائلڊ اينڊ ڪمپني جي مشاورت کي ساراهيو جنهن ذريعي پاڪستان جي بانڊز جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌارو ممڪن ٿيندو. ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته گهڻ رُخي مالياتي ادارن جي تعاون سان بلينڊڊ فنانس جي منصوبن جي مضبوط پائيپ لائن تيار ڪرڻ مجموعي قرضن جي لاڳت گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ناڻي واري وزير ورلڊ بئنڪ جي 10 سالن جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت پاڪستان لاءِ مخصوص ڪلائميٽ فنانس جي به نشاندهي ڪئي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ واپسيءَ لاءِ روٿس چائلڊ اينڊ ڪمپني طرفان مڪمل مشاورتي معاونت جي آڇ کي ساراهيو جنهن ۾ خودمختيار بانڊز جو جاري ڪرڻ، لائبليٽي مئنجمينٽ آپريشنز، بلينڊڊ فنانس جوڙڻ ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ بابت مشاورت شامل آهي.











