ٽيڪس ڪيسن جي فوري ۽ مؤثر حل سان عوامي اعتماد بحالي ٿيندو: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته ٽيڪس تڪرارن جو مؤثر ۽ وقت سر حل عوامي اعتماد جي بحالي بهتر طرزِ حڪمراني ۽ مستحڪم قانوني ماحول جي قيام لاءِ اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ۾ نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت سان ٽيڪس ڪيسن ۾ سڌارن جي حوالي سان رٿيل اعليٰ سطحي مشاورتي …

اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته ٽيڪس تڪرارن جو مؤثر ۽ وقت سر حل عوامي اعتماد جي بحالي بهتر طرزِ حڪمراني ۽ مستحڪم قانوني ماحول جي قيام لاءِ اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ۾ نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت سان ٽيڪس ڪيسن ۾ سڌارن جي حوالي سان رٿيل اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. سپريم ڪورٽ مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، وزيراعظم جو ٽيڪس ڪيسن بابت فريم ورڪ ٽاسڪ فورس جي چيئرمين شاد محمد خان، چيئرمين ايف بي آر راشد محمود لنگڙيال، سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽس جا ججز وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. چيف جسٽس چيو ته نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي عدليه انتظاميه ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن وچ ۾ مؤثر رابطا ڪاريءَ ذريعي پييچده قانوني ۽ طريقيڪار جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ مضبوط پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو، اجلاس ۾ ٽيڪس ڪيسن جي نظام ۾ موجود قانوني طريقيڪار جي خامين، ڪيسن جي مؤثر انتظام، ادارن وچ ۾ هم آهنگي، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ڊيٽا جي مٽاسٽا جهڙن اهم معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته جيڪي معاملا اعليٰ عدالتن ۾ طئي ٿي چڪا آهن انهن تي حڪومتي ادارن کي غير ضروري اپيلون داخل ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان سان عدالتي نظام تي بار وڌي ٿو، ڪيسن ۾ دير ٿئي ٿي ۽ـ قومي وسيلا ضايع ٿين ٿا. هن زور ڀريو ته رياست کي هڪ ذميدار ڌُر طور ڪيسن ۾ شامل هئڻ گهرجي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ٽيڪس ڪيسن ۾ دير جي خاتمي، شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۽ مؤثر نمائندگي يقيني بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي تيار ڪيل عدالتي فيصلن جي ڊيٽا کي ساراهيندي ان کي ٻين عدالتن ۽ ايف بي آر سان شيئر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ايف بي آر چيئرمين خاطري ڪرائي ته اجلاس ۾ ڏنل تجويزن کي ٽيڪس ڪيسن جي نظام ۾ بهتريءَ لاءِ غور هيٺ آندو ويندو. هن ٻُڌايو ته ايف بي آر جي آءِ ٽي ونگ کي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس سان گڏجي ڪيسن جي ڊيٽا جوڙڻ جي ذميداري سونپي وئي آهي جڏهن ته هر هاءِ ڪورٽ ۾ ٽيڪس ڪيسن لاءِ ڊائريڪٽر سطح جا آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ هي اجلاس لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي جاري ڪيل سڌارا جاتي ڪوششن جو حصو آهي جنهن جو مقصد انصاف جي نظام کي وڌيڪ مؤثر، جديد ۽ عوام دوست بڻائڻ آهي.

مزید خبریں