اسلام آباد - 16 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سمجهوتا ايڪسپريس جي دهشتگرد حملي ۾ ملوث انتهائي بدنام ڀارتي فوجي آفيسر ڪرنل پروهت کي برگيڊيئر جي عهدي تي ترقي ڏيڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ان جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس حملي ۾ ملوث …
پاڪستان پاران سمجهوتا ايڪسپريس حملي ۾ ملوث ڀارتي فوجي آفيسر ڪرنل پروهت کي برگيڊيئر جي عهدي تي ترقي ڏيڻ تي ڳڻتي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سمجهوتا ايڪسپريس جي دهشتگرد حملي ۾ ملوث انتهائي بدنام ڀارتي فوجي آفيسر ڪرنل پروهت کي برگيڊيئر جي عهدي تي ترقي ڏيڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ان جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس حملي ۾ ملوث دهشتگرد ڀارتي فوجي آفيسر جي ترقي جي خبر تي اسان کي شديد ڳڻتي آهي. هن چيو ته اهڙي فيصلاسازي ڀارتي نظام ۾ احتساب جي حوالي سان هڪ منفي ۽ پريشان ڪندڙ پيغام ڏي ٿي جڏهن ته ان سان انهن 68 بيگناهه شهرين جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي جيڪي اٽڪل ٻه ڏهاڪا اڳ ڀارتي سرزمين تي لاهور ويندڙ ٽرين ۾ مارجي ويا هئا. ترجمان چيو ته متاثرين ۽ انهن جا گهرڀاتي گذريل 20 سالن کان انصاف جا منتظر آهن. هن چيو ته انصاف جي فراهمي بدران اهو فيصلو ان رجحان کي ظاهر ڪري ٿو جنهن ۾ انصاف جي اهميت کي گهٽ ڪيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته اهو ڀارت پاران رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي، پاڪستان ۽ مسلمانن جي خلاف پرتشدد ڪاررواين جي حوالي سان برداشت، ڀارت جي طرز حڪمراني ۽ عدالتي نظام ۾ هڪ جانبدار ۽ امتيازي سوچ بابت پڻ سنگين سوال اٿاري ٿو. ترجمان چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس سانحي جا متاثرين ۽ انهن جا خاندان انصاف جا حقدار آهن، اهڙو انصاف جيڪو اعتبار جوڳو، شفاف ۽ هر قسم جي شڪ کان مٿانهون هجي. هن چيو ته پاڪستان ان ڪڌي ڏوهه جي سمورن ڏوهارين ۽ سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ هڪ مڪمل، غيرجانبدار ۽ شفاف عدالتي عمل جو مطالبو ورجائي ٿو. ترجمان چيو ته عالمي برادري کي به ان ڳالهه جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته ڀارت ۾ اهڙن قدمن جي حوالي سان سزا کان ڇوٽ جو تاثر موجود آهي. هن چيو ته ان جا ڏوررس اثر پئجي سگهن ٿا جيڪي ممڪن طور تي ڀارت ۾ انتهاپسند عنصرن کي وڌيڪ حوصلو ڏئي سگهن ٿا ۽ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ جاري ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.











