توانائي واري وفاقي وزير سان برطانوي هاءِ ڪميشن جي ڊولپمينٽ ڊائريڪٽر جي ملاقات

اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان برطانوي هاءِ ڪميشن جي ڊولپمينٽ ڊائريڪٽر سيم والڊوڪ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون ۽ خطي جي موجوده جيو اسٽريٽجڪ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير برطانوي وزيراعظم طرفان پاڪستان جي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبنديءَ ۾ سهولتڪاري ۽ …

اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان برطانوي هاءِ ڪميشن جي ڊولپمينٽ ڊائريڪٽر سيم والڊوڪ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون ۽ خطي جي موجوده جيو اسٽريٽجڪ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير برطانوي وزيراعظم طرفان پاڪستان جي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبنديءَ ۾ سهولتڪاري ۽ امن ڳالهين جي ميزبانيءَ جي حوالي سان اهم ۽ تعميري ڪردار جي اعتراف تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهڻ هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. برطانوي هاءِ ڪميشن جي ڊولپمينٽ ڊائريڪٽر ايران ۽ آمريڪا جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل پيچيده صورتحال باوجود پاڪستان حڪومت جي مجموعي حڪمت عملي ۽ مؤثر قدمن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان غير معمولي عزم ۽ تدبر جو مظاهرو ڪندي مختلف شعبن ۾ استحڪام کي برقرار رکيو آهي. سيم والڊوڪ چيو ته برطانيه پاڪستان ۾ معاشي استحڪام کي هٿي وٺرائڻ کي نهايت اهميت ڏئي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ تعاون جاري رکڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير برطانيه جي اداري ايف سي ڊي او طرفان جاري تعاون تي ٿورو مڃيندي ان کي ٻه طرفي حصيداريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم قرار ڏنو. ملاقات دوران سيم والڊوڪ سيڙپڪاري بابت معاملن جي نشاندهي ڪئي جنهن تي وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي ته جيئن سيڙپڪاريءَ جي ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻائي سگهجي ۽ گڏيل اقتصادي هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بنائي سگهجي.

مزید خبریں