اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق يوٿ پارليامينٽ آف پاڪستان طرفان نوجوانن جي قومي ۽ عالمي سطح تي مؤثر نمائندا کي ساراهيندي چيو آهي ته نوجوان ڪنهن به ملڪ جو قيمتي اثاثو هوندا آهن ۽ کين پاليسي سازي، جمهوري عمل ۾ شامل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر، چيئرمين ابرار الحق ۽ صدر عبيدالرحمان قريشيءَ کي اي سي …
نوجوان ڪنهن به قوم جو قيمتي اثاثو هوندا آهن، کيس پاليسي سازي ۽ جمهوري عمل ۾ شامل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق يوٿ پارليامينٽ آف پاڪستان طرفان نوجوانن جي قومي ۽ عالمي سطح تي مؤثر نمائندا کي ساراهيندي چيو آهي ته نوجوان ڪنهن به ملڪ جو قيمتي اثاثو هوندا آهن ۽ کين پاليسي سازي، جمهوري عمل ۾ شامل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر، چيئرمين ابرار الحق ۽ صدر عبيدالرحمان قريشيءَ کي اي سي او ايس او سي يوٿ فورم 2026ع جي موقعي تي ايونٽ جي ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اهي قدم نوجوانن کي عالمي سطح تي پنهنجون صلاحيتون مڃرائڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته ان ايونٽ ۾ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن خاص ڪري ينگ پارليامينٽريز فورم جي ميمبرن جي شرڪت نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي عزم جو چِٽو اظهار آهي. هن چيو ته نوجوانن جي شموليت سان نه صرف جمهوري عمل مضبوط ٿيندو پر ملڪ جي ترقي ۽ پاليسي سازيءَ ۾ نَون امڪانن ۽ مثبت رجحانن کي به سامهون آڻيندا. اسپيڪر چيو ته هي ايونٽ 2030ع پائيدار ترقي جي هدفن جي حاصلات ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ جامع حڪمراني واري طريقي تحت ڪلائميٽ، واٽر ۽ پيس نيڪسس جهڙن اهم موضوعن تي توجهه ڏيندو. هن چيو ته ان فورم ذريعي موسمياتي تبديلي امن جي قيام ۽ گهڻ رُخي تعاون کي هٿي وٺرائڻ جهڙن اهم معاملن تي مؤثر ڳالهيون ٿي سگهنديون. هن وڌيڪ چيو ته اهڙا پليٽ فارم نوجوانن ۽ عورتن جي پاليسي سازيءَ ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن جيڪي هڪ مضبوط متوازن ۽ ترقي يافته معاشري جو بنياد آهن. اسپيڪر نوجوانن تي زور ڀريو ته هو ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻيندي فعال ڪردار ادا ڪن. هن ايونٽ جي انتظاميه ۽ شرڪت ڪندڙن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هي قدم جمهوري عمل ۾ نوجوانن جي شموليت ۽ انهن جي مثبت ڪردار کي وڌيڪ اجاگر ڪندو.











