اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته آءِ ٽي روانگي واپار ۾ واڌ عالمي سطح تي پاڪستاني ٽيڪنالاجي ماهرن ۽ خدمتن جي وڌندڙ گهرج جو واضح ثبوت آهي. ڪالهه ايڪس تي جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي روانگي واپار ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. مارچ 2026ع ۾ آءِ ٽي جي 413 ملين ڊالرن …
آءِ ٽي روانگي واپار ۾ واڌ عالمي سطح تي پاڪستاني ٽيڪنالاجي ماهرن ۽ خدمتن جي وڌندڙ گهرج جو واضح ثبوت آهي: خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته آءِ ٽي روانگي واپار ۾ واڌ عالمي سطح تي پاڪستاني ٽيڪنالاجي ماهرن ۽ خدمتن جي وڌندڙ گهرج جو واضح ثبوت آهي. ڪالهه ايڪس تي جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي روانگي واپار ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. مارچ 2026ع ۾ آءِ ٽي جي 413 ملين ڊالرن جي روانگي واپار رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ملڪي تاريخ جي ٻي بلند ترين ماهوار سطح آهي. هي واڌارو عالمي سطح تي پاڪستاني ٽيڪنالاجي ماهرن ۽ خدمتن جي وڌندڙ گهرج جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته مارچ 2026ع ۾ آءِ ٽي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 413 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال مارچ جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ ۽ فيبروري جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال 2026ع جي پهرين 9 مهينن دوران پاڪستان اڳ ئي 3.4 ارب ڊالرن جي آءِ ٽي روانگي واپار حاصل ڪري چڪو آهي. موجوده رفتار کي ڏسندي اندازو لڳايو پيو وڃي ته مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين اهو ڳاڻيٽو 4.5 ارب ڊالرن تائين پهچي سگهي ٿو جيڪو گذريل مالي سال 2025ع جي 3.8 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ نمايان واڌ هوندو. هن چيو ته آءِ ٽي جو شعبو پاڪستان جي معيشت لاءِ هڪ مضبوط ٿنڀ بڻجندو پيو وڃي جيڪو نه صرف مٽاسٽا جي ناڻي ۾ واڌ ڪري رهيو آهي پر نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پڻ پيدا ڪري رهيو آهي. فري لانسنگ، سافٽ ويئر ڊولپمينٽ ۽ ڊجيٽل سروسز جي شعبن ۾ تيزيءَ سان ترقي ملڪ کي عالمي ٽيڪنالاجي مارڪيٽ ۾ نمايان مقام ڏياري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان هاڻ صرف عالمي ٽيڪنالاجي ۾ معيشت جو حصو نه رهيو پر تيزيءَ سان هڪ مضبوط حريف طور اُڀري رهيو آهي جيڪڏهن اهائي رفتار برقرار رهي ته ايندڙ سالن ۾ آءِ ٽي روانگي واپار پاڪستان جي معيشت جو سڀ کان وڏو طاقت بڻجي سگهي ٿو.











