گهرو معاملن واري وفاقي وزير جون پاڪ بحريه جي اينٽي شپ ميزائل جي ڪامياب تجربي تي قوم کي واڌايون

اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاڪ بحريه جي اينٽي شپ ميزائل جي ڪامياب تجربي تي قوم کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته اينٽي شپ ميزائل جو ڪامياب تجربو پاڪ بحريه جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن جو ساراهه جوڳو ڪارنامو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف جي …

اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاڪ بحريه جي اينٽي شپ ميزائل جي ڪامياب تجربي تي قوم کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته اينٽي شپ ميزائل جو ڪامياب تجربو پاڪ بحريه جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن جو ساراهه جوڳو ڪارنامو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان دفاعي ميدان ۾ هڪ ٻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اينٽي شپ ميزائل جو ڪامياب تجربو دفاعي شعبي ۾ هڪ اهم سنگِ ميل آهي. ميزائل جو ڪامياب تجربو سامونڊي سرحدن جي بچاءُ ۾ قابلِ اعتماد قدم آهي.

مزید خبریں