سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس، روزگار، زراعت، تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر ۽ مالي گورننس سان لاڳاپيل ڪيترن ئي اهم پاليسي فيصلن جي منظوري ڏني وئي

ڪراچي-16 اپريل (اي پي پي) سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ وزير اعليٰ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ روزگار، زراعت، تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر ۽ مالي گورننس سان لاڳاپيل ڪيترن ئي اهم پاليسي فيصلن جي منظوري ڏني وئي۔سي ايم هائوس جي ترجمان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فوتي ڪوٽا تحت سيپٽمبر 2024 کان اڳ داخل ٿيل درخواستن تي قانون ۽ ميرٽ …

ڪراچي-16 اپريل (اي پي پي) سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ وزير اعليٰ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ روزگار، زراعت، تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر ۽ مالي گورننس سان لاڳاپيل ڪيترن ئي اهم پاليسي فيصلن جي منظوري ڏني وئي۔سي ايم هائوس جي ترجمان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فوتي ڪوٽا تحت سيپٽمبر 2024 کان اڳ داخل ٿيل درخواستن تي قانون ۽ ميرٽ مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نون ڪيسن تي اڳ ۾  پابندي لڳائي وئي هئي۔ ڪابينا واضح ڪيو ته 2002ع ۾ متعارف ڪرايل هن پاليسي بابت قانوني گهرجن کي نظر ۾ رکندي پراڻن ڪيسن کي اڪلايو ويندو۔ ڪابينا گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي اوٻاوڙو ۾ پوليس اسٽيشن کنڀڙا جي نئين عمارت ۽ ايمرجنسي ڪيمپ لاءِ آبپاشي کاتي جي 6 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته موجوده عمارت کي پوليس پوسٽ ۾ تبديل ڪيو ويندو۔ منصوبي لاءِ مجموعي طور 125.611 ملين رپيا منظور ڪيا ويا۔ روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن لاءِ پڻ اهم اڳڀرائي ڪندي ڪابينا 497.574 ملين رپين جي گرانٽ ان ايڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، جيڪا پاڪستان ريلوي سان گڏيل لاڳت واري منصوبي جو حصو آهي۔مقامي حڪومتن بابت اهم فيصلي تحت لياري ندي کي باضابطه طور ٽي ايم سي لياري جي انتظام هيٺ آندو ويو، جڏهن ته زرعي مارڪيٽ ڪميٽين کي هدايت ڪئي وئي ته پينشن جون ادائيگيون پنهنجن وسيلن مان ڪيون وڃن ۽ رهيل رقم جي وصولي يقيني بڻائي وڃي۔مالي شفافيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ بئنڪ ذريعي امپورٽ واري سامان لاءِ ليٽرز آف ڪريڊٽ کولڻ ۽ پروسيس ڪرڻ جو نئون نظام متعارف ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن سان عوامي فنڊن جي بهتر نگراني ۽ غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ اينٽي انڪروچمينٽ فورس لاءِ ڀرتي جي بنون قاعدن جي منظوري پڻ ڏني وئي، جنهن سان اداري کي باقاعده سروس اسٽرڪچر ملندو ۽ ميرٽ تي ڀرتي جو عمل وڌيڪ مضبوط ٿيندو۔ زراعت جي شعبي ۾ “سنڌ فارمرز زرعي ڪليڪٽو ايڪٽ 2026” جي مسودي جي منظوري ڏني وئي، جنهن جو مقصد هارين کي گڏيل وسيلن ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي بااختيار بڻائڻ آهي۔ تعليم ۽ ڊجيٽل مهارتن جي واڌاري لاءِ 30 يونيورسٽين ۾ 19,200 گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ اسڪالرشپس ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي، جڏهن ته اسڪول ڇڏيندڙ ٻارن جي شرح گهٽائڻ لاءِ ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم کي وڌايو ويندو۔ صحت جي شعبي ۾ حامله عورتن لاءِ غذائي سپليمنٽس جي فراهمي لاءِ يونيسيف سان معاهدي جي اصولي منظوري ڏني وئي، جنهن تحت لکين سپليمنٽس فراهم ڪيا ويندا۔ ڪابينا مجموعي طور گورننس سڌارن، ڊجيٽل تبديلي ۽ عوامي خدمتن جي بهتري لاءِ قدمن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.