لاڙڪاڻو-16 اپريل (اي پي پي) سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز شاهه، سينئر نائب صدر سيد نديم شاهه، جنرل سيڪريٽري ذوالفقار هيسباڻي ۽ ٻين اڳواڻن مُلڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته حڪومت پاران ڪڻڪ جي خريداري لاءِ اڃان تائين ڪي به قدم ناهن کنيا ويا، مُلڪ ۾ ڪڻڪ جي کپت ۾ هرسال اضافو ٿي رهيو آهي، فوري قدم نه کنيا ويا ته ڪڻڪ …
سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن پاران مُلڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ جو خدشو ظاهر، حڪومت ڪڻڪ جي خريداري لاءِ اڃان ڪي قدم ناهن کنيا، مُلڪ ۾ ڪڻڪ جي کپت ۾ هر سال اضافو ٿي رهيو آهي، فوري قدم نه کنيا ويا ته ڪڻڪ جي کوٽ وڌي ويندي، حڪومت في ايڪڙ سبسڊي وڌائي: پريس ڪانفرنس

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-16 اپريل (اي پي پي) سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز شاهه، سينئر نائب صدر سيد نديم شاهه، جنرل سيڪريٽري ذوالفقار هيسباڻي ۽ ٻين اڳواڻن مُلڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته حڪومت پاران ڪڻڪ جي خريداري لاءِ اڃان تائين ڪي به قدم ناهن کنيا ويا، مُلڪ ۾ ڪڻڪ جي کپت ۾ هرسال اضافو ٿي رهيو آهي، فوري قدم نه کنيا ويا ته ڪڻڪ جي کوٽ وڌي ويندي، زرعي شعبو ملڪ کي 40 سيڪڙو روزگار فراهم ڪري ٿو، زراعت معيشت جو سڀ کان وڏو برآمد ڪندڙ شعبو آهي، حڪومت پاران في ايڪڙ سبسڊي وڌائي وڃي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن اهڙن خيالن جو اظهار لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. اڳواڻن چيو ته جڏهن ملڪ ۾ لکين ڊالر ماليت جي ڪڻڪ جي پوک ٿي رهي هئي ته ڪڻڪ جو ڪو خريدار موجود نه هو. سال 2024ع ۾ حڪومت پاڻ ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار روپيا مقرر ڪئي هئي، جنهن جي اسان آجيان ڪئي هُئي، پر ساڳي ڪڻڪ کي سال 2025ع ۾ آبادگارن 2400 کان 2600 روپيا ۾ وڪرو ڪيو، جڏهن ته بعد ۾ اٽو 3800 کان 4000 روپيا في مڻ خريد ڪيو. هنن چيو ته هن سال حڪومت اعلان ڪيو هو ته هو ڪڻڪ خريد ڪندي پر اڄ سنڌ ۾ ڪڻڪ جا لابارا ختم ٿيندي 10 ڏينهن گذري ويا آهن ۽ لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ ۽ گھوٽڪي ۾ 40 کان 50 سيڪڙو ڪڻڪ باقي نه رهي آهي، جڏهن ته اڃان تائين خريداري شروع ئي نه ڪئي وئي آهي. هنن خدشو ظاهر ڪيو ته ايندڙ وقت ۾ ملڪ گهربل ڪڻڪ پيدا نه ڪري سگهندو ڇاڪاڻ ته سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل سال 28.9 ملين ٽن ڪڻڪ پيدا ٿي هئي جڏهن ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جو استعمال اٽڪل 29 ملين ٽن آهي ۽ هي طلب هر سال 4 کان 5 سيڪڙو وڌي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن بروقت قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ ڪڻڪ جي گھٽتائي پيدا ٿي سگهي ٿي. هنن چيو ته اهي سڀ مسئلا آخرڪار ڊيزل جي قيمتن سان جڙيل آهن. ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊيزل حاصل ڪرڻ لاءِ 10 کان 15 ڪلوميٽر سفر ڪرڻو پوي ٿو. هنن چيو ته ملڪي معيشت کي اڄ به زرعي معيشت سهارو ڏئي رهي آهي، ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته زرعي پاليسي جو رخ ٺيڪ ڪري ۽ زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن سان صلاح مشوري کانپوءِ جامع پاليسي جوڙي وڃي. جامع پاليسي نه هجڻ سبب زرعي شعبو ڏينهُون ڏينهن پوئتي پئجي رهيو آهي، جنهن ڪري هن سال ٽريڪٽرن جي خريداري اڌ کان گهٽجي وئي آهي. هنن چيو ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته ايران سڀ کان سستو ڊيزل ۽ پيٽرول وڪرو ڪري رهيو آهي، ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته ان مان فائدو کڻي ۽ ان جو فائدو عوام تائين منتقل ڪري. ايراني پيٽرول جي غيرقانوني وڪري کي قانوني قرار ڏنو وڃي ته جيئن سرڪاري سطح تي ايران مان ڊيزل ۽ پيٽرول خريد ڪري ملڪي معيشت کي مضبوط بڻائي سگهجي. هنن چيو ته حڪومت سنڌ ۾ 3 لک 30 هزار آبادگارن کي سبسڊي ڏئي رهي آهي، جڏهن ته زرعي مردم شماري 2025ع مطابق سنڌ ۾ 26 لک آبادگار موجود آهن، جن مان 96 سيڪڙو وٽ 20 کان 25 ايڪڙ زمين آهي. سندن چوڻ هو ته جيڪڏهن سبسڊي ڏني وڃي ته اها وڏي پئماني تي ڏني وڃي جيئن چانورن جي ايڪسپورٽرن کي اربين روپين ۾ ڏني وڃي ٿي.











