ڪراچي-16 اپريل (اي پي پي) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت تعليم جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿي، جيئن نه رڳو تعليمي پهچ وڌائي سگهجي پر تعليم جي معيار ۾ به نمايان بهتري آڻي سگهجي۔ اھڙو اظهار هن ٽيچ دي ورلڊ فائونڊيشن جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران تعليمي شعبي ۾ جديد …
سنڌ حڪومت تعليم جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿي: سيد ناصر حسين شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-16 اپريل (اي پي پي) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت تعليم جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿي، جيئن نه رڳو تعليمي پهچ وڌائي سگهجي پر تعليم جي معيار ۾ به نمايان بهتري آڻي سگهجي۔ اھڙو اظهار هن ٽيچ دي ورلڊ فائونڊيشن جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران تعليمي شعبي ۾ جديد سڌارن، ڊجيٽل لرننگ پروگرامز جي توسيع ۽ پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن تائين معياري تعليم جي پهچ کي يقيني بڻائڻ بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون۔ وفد ۾ فائونڊيشن جو صدر ارشد انيس، وائيس پريزيڊنٽ اسٽريٽيجڪ رليشن شپ فرحان حسن ۽ چيف آف اسٽاف ڪاظم موسوي شامل هئا۔ وفد سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي نگراني هيٺ جاري “ايڪسيلريٽيڊ ڊجيٽل لرننگ پروگرام” بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔ ٻڌايو ويو ته گذريل ٻن سالن دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 160 ڊجيٽل مائيڪرو اسڪول قائم ڪيا ويا آهن، جن ذريعي 25 هزار کان وڌيڪ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم جي دائري ۾ آندو ويو آهي۔ جڏهن ته هلندڙ سال جي آخر تائين هن انگ کي وڌائي 350 مائيڪرو اسڪولن تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي۔ بريفنگ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ڊجيٽل مائيڪرو اسڪولز جو ماڊل گهٽ خرچ وارو، اثرائتو ۽ تيزي سان وڌائي سگهڻ جهڙو آهي، جيڪو پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم جي فراهمي لاءِ هڪ موثر حل طور سامهون اچي رهيو آهي۔ سيد ناصر حسين شاهه فائونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته موجوده حالتن ۾ روايتي تعليمي نظام سان گڏ ڊجيٽل ماڊلز اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي، جيڪو وڏي انگ ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي ٻيهر تعليم ڏانهن آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو۔ هن ڪراچي ۾ فائونڊيشن جي ٻن مائيڪرو اسڪولن جي ذاتي سرپرستي ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪئي ۽ سکر سميت ٻين ضلعن ۾ وڌيڪ مائيڪرو اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سرڪاري سهڪار، سهولتڪاري ۽ اداري جي مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي۔ ملاقات دوران ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته ڊجيٽل لرننگ پروگرامز کي وڌيڪ وڌائي انهن علائقن تائين پهچايو ويندو، جتي روايتي تعليمي ڍانچو ڪمزور يا موجود ناهي، جيئن وڌ کان وڌ ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ٿي سگهن۔ ماهرن موجب اهڙا قدم نه رڳو خواندگي واري شرح ۾ واڌ آڻيندا، پر مستقبل ۾ معاشي استحڪام، سماجي بهتري ۽ انساني ترقي جي اهڃاڻن تي به مثبت اثر ڇڏين.











