ايندڙ هفتي کان حيدرآباد ۾ نئون ٽريفڪ سسٽم لاڳو ڪيو ويندو: آءِ جي سنڌ

ڪراچي-16 اپريل (اي پي پي) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته ڪراچي ۾ نئين ٽريفڪ سسٽم  لاڳو ڪرڻ سان ڏوهن ۾ به 30 کان 40 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي آهي، هن اعلان ڪيو ته ايندڙ هفتي حيدرآباد ۾ به هن سسٽم جي شروعات ڪئي ويندي۔ اھڙو اظهار هن ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ منعقد ٽريفڪ پوليس ڪراچي جي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو آهي ته جديد …

ڪراچي-16 اپريل (اي پي پي) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته ڪراچي ۾ نئين ٽريفڪ سسٽم  لاڳو ڪرڻ سان ڏوهن ۾ به 30 کان 40 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي آهي، هن اعلان ڪيو ته ايندڙ هفتي حيدرآباد ۾ به هن سسٽم جي شروعات ڪئي ويندي۔ اھڙو اظهار هن ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ منعقد ٽريفڪ پوليس ڪراچي جي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ٽريفڪ جي نگراني، حادثن ۾ گهٽتائي ۽ قانونن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو پيو وڃي۔ تقريب دوران ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شهر ۾ هزارين ڪيمرائون، ڊرونز ۽ ٽريڪنگ سسٽم ذريعي فيس ليس اي-چالان نظام لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن سان ٽريفڪ حادثن ۽ ڀڃڪڙين تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي۔ هن چيو ته 70 لک گاڏين جي نگراني روايتي طريقن سان ممڪن نه هئي، تنهنڪري جديد سسٽم متعارف ڪرايو ويو۔ان موقعي تي آءِ جي سنڌ  جاويد عالم اوڍو چيو ته هن نظام سان نه رڳو ٽريفڪ قانونن تي عمل بهتر ٿيو آهي پر ڏوهن ۾ به 30 کان 40 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي آهي، جڏهن تہ ڊجيٽل نگراني سبب پوليس جو رسپانس به وڌيڪ موثر بڻيو آهي۔ هن اعلان ڪيو ته ايندڙ هفتي حيدرآباد ۾ به هن سسٽم جي شروعات ڪئي ويندي۔تقريب ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر، بزنس ڪميونٽي ۽ پوليس آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن تہ آخر ۾ مهمانن وچ ۾ يادگاري شيلڊز جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.