دوحه - 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر ۽ ٻين نار ملڪن تي حملن جي مذمت ڪندي قطر جي قيادت ۽ عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جي اظهار ۽ حمايت جو يقين ڏياريو آهي جڏهن ته قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ سفارتي ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيو آهي. وزيراعظم …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران قطر ۽ ٻين نار ملڪن تي حملن جي مذمت

مزید خبریں
دوحه – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر ۽ ٻين نار ملڪن تي حملن جي مذمت ڪندي قطر جي قيادت ۽ عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جي اظهار ۽ حمايت جو يقين ڏياريو آهي جڏهن ته قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ سفارتي ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي وچ ۾ انتهائي دوستاڻي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي. اميري ديوان ۾ ٿيندڙ ملاقات هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهي. ٻنهي اڳواڻن تازي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، خاص طور تي وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. قطر جي امير وزيراعظم ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ سفارتي ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيو جيڪو علائقائي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ اهم آهي. وزيراعظم ان موقعي تي قطر ۽ ٻين نار ملڪن جي خلاف حملن جي مذمت جو ورجاءُ ڪيو ۽ قطر جي قيادت ۽ عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو يقين ڏياريو. ٻنهي اڳواڻن ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ڪوششن جي حمايت ۽ عالمي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي، خاص طور تي توانائي جي فراهمي جي سلسلي ۾ تسلسل کي برقرار رکڻ تي زور ڏنو ويو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جو پڻ جائزو ورتو ۽ انهن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي طريقن تي غور ڪيو، خاص طور تي سيڪيورٽي، دفاع ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن حصيداري کي مضبوط بڻائي سگهجي ۽ گڏيل تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿين. ملاقات ۾ قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جام الثاني، اميري ديوان جي سربراهه عبدالله بن محمد الخليفي ۽ ٻين اعلى عملدارن شرڪت ڪئي. پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻيا اعلى عملدار شامل هئا. قطر جي امير ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات پڻ ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مسلسل رابطي ۽ مشاورت جي اهميت تي زور ڏنو ويو. ملاقات کانپوءِ قطر جي امير وزيراعظم ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.











