اسلام آباد - 16 اپريل (اي پي پي) پاڪستان کي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، جنگبندي جي ڪوششن ۽ وسيع تر استحڪام جي فروغ جي لاءِ پنهنجي تعميري سفارتي ڪوششن تي ساراهيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان واشنگٽن ۽ تهران سان مسلسل رابطن جي ذريعي ڳالهه ٻولهه جي حوصلا افزائي ڪئي، پيغامن جي مٽاسٽا کي آسان …
پاڪستان کي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ جنگبندي سميت تعميري سفارتي ڪوششن تي ساراهيو ويو آهي: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) پاڪستان کي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، جنگبندي جي ڪوششن ۽ وسيع تر استحڪام جي فروغ جي لاءِ پنهنجي تعميري سفارتي ڪوششن تي ساراهيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان واشنگٽن ۽ تهران سان مسلسل رابطن جي ذريعي ڳالهه ٻولهه جي حوصلا افزائي ڪئي، پيغامن جي مٽاسٽا کي آسان بڻايو ۽ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ترجمان چيو ته اها حڪمت عملي علائقائي استحڪام ۽ عالمي امن جي لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪا مُشڪل جاگرافيائي ۽ سياسي چئلينجز ۽ تڪرارن جي حل لاءِ اصولي ۽ ڳالهه ٻولهه تي ٻڌل سفارتڪاري کي ترجيح ڏيڻ جو مظهر آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي فعال شموليت سان ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان لاڳاپيل ڌرين سان پنهنجي سهولتڪار ڪردار تحت رابطن جا کليل ذريعا برقرار رکيا آهن. ترجمان چيو ته انهن جاري ڪوششن تحت وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم اهم علائقائي ملڪن جا دورا ڪري رهيا آهن جڏهن ته چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف گذريل ڏينهن تهران پهتو. هن چيو ته مجموعي طور تي اهي قدم پاڪستان جي ان پراڻي موقف جي عڪاسي ڪن ٿا ته پائيدار امن ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي ذريعي ئي ممڪن آهي. ترجمان چيو ته اهو هڪ اهڙو موقف آهي جنهن کي سفارتي ڌرين ۾ ان جي تعميري ۽ استحڪام بخش ڪردار جي ڪري تسليم ڪيو ويو آهي.











