غير رسمي معيشت کي باضابطا بڻائڻ سان ايڪسپورٽ ۽ ٽيڪس آمدني ۾ اضافو ٿيندو:وفاقي وزير ڄام ڪمال خان

اسلام آباد- 16 اپريل(اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان جو روانگي واپار ان وقت تائين نه ٿو وڌي سگهي جيسيتائين ملڪ جي وڏي غير رسمي شعبي کي باضابطه طور تي معيشت ۾ شامل نه ٿو ڪيو وڃي، معيشت جي باضابطا سازي سان نه صرف ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيندو پر ٽيڪس جي آمدني ۾ پڻ اضافو ٿيندو ۽ صنعتي معيار پڻ بهتر ٿيندو. …

اسلام آباد- 16 اپريل(اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان جو روانگي واپار ان وقت تائين نه ٿو وڌي سگهي جيسيتائين ملڪ جي وڏي غير رسمي شعبي کي باضابطه طور تي معيشت ۾ شامل نه ٿو ڪيو وڃي، معيشت جي باضابطا سازي سان نه صرف ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيندو پر ٽيڪس جي آمدني ۾ پڻ اضافو ٿيندو ۽ صنعتي معيار پڻ بهتر ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن محمد حارث ڊائريڪٽر ايگر انٽر نيشنل (پرائيوٽ) لميٽيڊ سان ٿيل ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ٽيڪس نظام، واپاري ڍانچي ۽ معيشت جي دستاويز بندي بابت اهم معاملن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي ان وڏي معيشت هجڻ باوجود ٽيڪس آمدني (جنهن جو ڪاٿو اٽڪل 15 کرب روپيا آهي) ڪمزور ٽيڪس نيٽ ۽ خراب عملدرآمد سبب پوري طرح حاصل نه ٿي رهي آهي. زراعت، ريٽيل ۽ ننڍن ڪاروبارن سميت معيشت جا وڏا شعبا هاڻي به غير رسمي نظام تحت ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان رجسٽرڊ شعبن تي وڌيڪ بار پئجي رهيو آهي. واپار واري وزير چيو ته موجوده صورتحال ۾ دستاويزي ڪاروبار وڌيڪ ٽيڪس ۽ خرچ برداشت ڪري رهيا آهن جڏهن ته غير رسمي عنصر نظام کان ٻاهر آهن جنهن سان ڪاروبار جي ترقي متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهن کي ٽيڪس نظام ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رعايتون ۽ آسانيون نه ڏنيون ويون ته معيشت جي دستاويزي جو عمل سست رهندو. ان موقعي تي محمد حارث چيو ته جيتوڻيڪ مختلف شعبن لاءِ پاليسيون موجود آهن پر عملي طور تي ڪيترن ئي جاين تي ڪمرشل سرگرميون وڌيڪ ۽ صنعتي ويليو ايڊيشن گهٽ آهي جيڪا پاليسي ۽ عملدر آمد وچ ۾ فرق کي ظاهر ڪري ٿي. ڌرين ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته گڊز بيسڊ ٽيڪسيشن، بهتر دستاويز بندي ۽ سپلاءِ چين جي اثرائتي نگراني ضروري آهي.وفاقي وزير چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ۽ غير رسمي شعبي کي سهولتون ۽ رعايتون ڏئي باضابطا معيشت جو حصو بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته شفاف جامع معاشي نظام نه صرف ٽيڪس نيٽ کي وڌائيندو پر پاڪستان جي آمدني ۽ صنعتي ترقي کي پڻ مضبوط ڪندو.

مزید خبریں