اسلام آباد-16 اپريل(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اينٽي شپ بيليسٽڪ ميزائل جي ڪامياب تجربي تي پاڪ بحريه جي انجنيئرن ۽ آفيسرن کي مبارڪون ڏيان ٿو. گذريل ڏينهن پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن پاڪ بحريه جي انجنيئرن ۽ آفيسرن کي شاندار ڪارڪردگي تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ ڪامياب تجربو سڄي قوم لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. اينٽي شپ …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل جي ڪاميان تجربي تي پاڪ بحريه جي انجنيئرن ۽ آفيسرن کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-16 اپريل(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اينٽي شپ بيليسٽڪ ميزائل جي ڪامياب تجربي تي پاڪ بحريه جي انجنيئرن ۽ آفيسرن کي مبارڪون ڏيان ٿو. گذريل ڏينهن پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن پاڪ بحريه جي انجنيئرن ۽ آفيسرن کي شاندار ڪارڪردگي تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ ڪامياب تجربو سڄي قوم لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. اينٽي شپ بيليسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو پاڪستان جي دفاعي صلاحيت جو ثبوت آهي. پاڪ بحريه جي پيشيوراڻي مهارت ۽ تياري قابل تحسين آهي. اينٽي شپ بيليسٽڪ ميزائل جي تجربي سان پاڪ بحريه جي عسڪري صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. قوم کي پنهنجي فوج جي صلاحيتن تي فخر آهي. ملڪي سامونڊي حدن جي تحفظ لاءِ پاڪستان نيوي جو ڪردار وڏي اهميت وارو آهي. ڪامياب ميزائل تجربو خطي ۾ امن جي قيام ۽ طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ جي عڪاسي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي فوج ملڪ جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائڻ لاءِ پر عزم آهي.











