مملڪتي وزير فهد هارون سان جرمن سفير جي ملاقات، ڊجيٽل پليٽ فارمز جي غير قانوني استعمال جي روڪ ٿام تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد _ 16 اپريل (اي پي پي ) مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي  ڊجيٽل ميڊيا بابت خصوصي صلاحڪار فهد هارون سان پاڪستان ۾ وفاقي جهموريه جرمني جي سفير سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڌرين ڊجيٽل پليٽ فارمز جي بدلجندڙ عالمي منظر نامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . جنهن ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ اڀرندڙ موقعن ۽ درپيش چئلينجز تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو . هن …

اسلام آباد _ 16 اپريل (اي پي پي ) مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي  ڊجيٽل ميڊيا بابت خصوصي صلاحڪار فهد هارون سان پاڪستان ۾ وفاقي جهموريه جرمني جي سفير سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڌرين ڊجيٽل پليٽ فارمز جي بدلجندڙ عالمي منظر نامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . جنهن ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ اڀرندڙ موقعن ۽ درپيش چئلينجز تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو . هن جعلي خبرن ۽ گهمراهه ڪندڙ معلومات جي خاتمي، آن لائن تحفظ کي هٿي ڏيڻ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز جي غير قانوني استعمال جي روڪ ٿام سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جرمن سفارتخاني جي مواصلات واري  شعبي، ثقافتي معاملن ۽ پروٽوڪول بابت سربراهه به ان موقعي تي موجود هو.

مزید خبریں