وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، ٻه طرفي سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد _ 16 اپريل (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ بابت وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ٻه طرفي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان  خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري جميل قريشي ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ذوالفقار علي، سيڙپڪاري بورڊ  جي …

اسلام آباد _ 16 اپريل (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ بابت وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ٻه طرفي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان  خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري جميل قريشي ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ذوالفقار علي، سيڙپڪاري بورڊ  جي سينيئر آفيسرن ۽ ڪينيڊا جي هاءِ ڪميشن جا نمائندا به شريڪ هئا. ملاقات دوران ڌرين ڄاڻايل ٻه طرفي سيڙپڪاري معاهدي (بي آءِ ٽي ) تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ڳالهين جو ٻيو دور جون 2026 ع تي متوقع آهي. ٻئي پاسي ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته گڏيل صلاح مشوري سان ۽ مسلسل رابطن ذريعي معاهدي کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي. ڪينيڊا جي  هاءِ ڪمشنر طارق علي خان توانائي، زراعت، مالياتي خدمتن ۽ اهم معدنيات  جهڙن شعبن ۾ تعاون جي وسيع موقعن تي روشني وڌي ويندي . هن چيو ته انهن شعبن ۾ جديد مهارت ۽ ٽيڪنالاجي  رکندڙ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. ملاقات ۾ زرعي شعبي ۾ سهڪار خاص طورتي ڪينيڊا جي ڪينولا جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيو ويون جنهن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۽ اسپيشنل انويسٽمينٽ فيسلٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي ) جي ڪردار کي ساراهيو  ۽ پاڪستان طرفان ڪاروباري سهولت ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي جي قدر کي تحسين جوڳو قرار ڏنو . وفاقي وزير پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءِ ڪندي چيو ته حڪومت سيڙپڪاري بورڊ  ذريعي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ، ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي . ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ختم ٿي جنهن ۾ ڌرين ٻه طرفي اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي عزم جو ورجاءِ ڪيو.

مزید خبریں