لاڙڪاڻو - 16 اپريل(اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي، ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪميٽي ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي فار سوشو پوليٽيڪل ڊومين جو گڏيل اجلاس منعقد ٿيو.اجلاس ۾ ضلعي وائيس چيئرمين الطاف خان کوسو، ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو، قانون لاڳو ڪندڙ ڳجهن ادارن جي ضلعي سربراهن، وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي عملدارن توڙي جينڪو، پارڪو ۽ پي پي …
ڊپٽي ڪمشنر آغا شير زمان جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 16 اپريل(اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي، ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪميٽي ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي فار سوشو پوليٽيڪل ڊومين جو گڏيل اجلاس منعقد ٿيو.اجلاس ۾ ضلعي وائيس چيئرمين الطاف خان کوسو، ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو، قانون لاڳو ڪندڙ ڳجهن ادارن جي ضلعي سربراهن، وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي عملدارن توڙي جينڪو، پارڪو ۽ پي پي ايل جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ۽ چيئرمين ڪوآرڊينيشن ڪميٽي آغا شير زمان چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاران نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪميٽي ۾ پوليس، ايڪسائيز، ڳجهن ادارن جا ضلعي سربراهه، خوراڪ، زراعت، توانائي، ليبر، سوشل ويلفيئر، وومين ڊولپمينٽ، اوقاف ۽ زڪوات سميت لاڳاپيل کاتا شامل آهن.هن چيو ته ڪميٽي جو مقصد غير قانوني ۽ نان ڪسٽم پيڊ شين جي روڪٿام، اينٽي انڪروچمينٽ، غير قانوني پيٽرول پمپن خلاف ڪارروائي، غير ملڪي افغانين جي نشاندهي، ضلعي اندر ڪم ڪندڙ فلاحي اين جي اوز جي ڪارڪردگي جي نگراني ۽ ٻين غير قانوني سرگرمين جو خاتمو آڻڻ آهي.ڊپٽي ڪمشنر ڪميٽي ميمبرن تي زور ڀريو ته هو صوبائي اپيڪس ڪميٽي جي هدايتن تي عمل ڪندي ڪارروائين ۾ تيزي آڻين ته جيئن انهن ڪارروائين جون رپورٽون اپيڪس ڪميٽي ڏانهن موڪلي سگهجن. هن روزمره جي استعمال وارين شين جي غير قانوني ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف به قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي.اجلاس ۾ عوامي مسئلن جي حل، امن امان جي صورتحال ۽ مختلف سرڪاري معاملن ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته عوامي لاڳاپن کي هٿي ڏني وڃي ۽ خاص طور نوجوانن جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن مقامي سطح تي بهتر طرز حڪمراني کي يقيني بڻائي سگهجي. هن ڪچي ۽ خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾ سرڪاري سهولتن جي فراهمي کي به يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.











