اسلام آباد - 16 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي اعلى عملدارن جي اسلام آباد ۾ منعقد تازي اجلاس ۾ تعاون جي اهم شعبن جو جائزو ورتو ويو ۽ 17 اپريل تي ترڪيه جي شهر انطاليه ۾ ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي لاءِ سفارشون تيار ڪيون ويون آهن. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته …
پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي اعلى عملدارن جي اسلام آباد ۾ منعقد تازي اجلاس ۾ تعاون جي اهم شعبن جو جائزو ورتو ويو: پرڏيهي آفيس ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي اعلى عملدارن جي اسلام آباد ۾ منعقد تازي اجلاس ۾ تعاون جي اهم شعبن جو جائزو ورتو ويو ۽ 17 اپريل تي ترڪيه جي شهر انطاليه ۾ ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي لاءِ سفارشون تيار ڪيون ويون آهن. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي اعلى عملدارن جو اهو اجلاس 14 اپريل تي اسلام آباد ۾ ٿيو. هن چيو ته چئني ملڪن جي اعلى عملدارن جو اهو اجلاس اسلام آباد ۾ 19 مارچ جي پرڏيهي وزيرن واري مشاورتي اجلاس کانپوءِ منعقد ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان پاران مون اجلاس ۾ پنهنجي وفد جي قيادت ڪئي. هن چيو ته اسان تعاون جي اهم شعبن جو جائزو ورتو ۽ 17 اپريل 2026ع تي ترڪيه جي شهر انطاليه ۾ ٿيندر پرڏيهي وزيرن جي ايندڙ اجلاس جي لاءِ سفارشون تيار ڪيون. ترجمان چيو ته عملدارن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان پڻ گڏيل طور تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ چئني ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اعلى سطحي رابطن کي جاري رکڻ تي زور ڏنو ويو.











