پاڪستان نيوي پاران مقامي طور تي تيار ڪيل اينٽي شپ ميزائل جو ڪامياب تجربو، صدر، وزيراعظم، فيلڊ مارشل  طرفان مبارڪون: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-16 اپريل(اي پي پي)پاڪستان نيوي پنهنجي تياري ۽ درست نشانو بڻائڻ جي صلاحيت جو ڀرپور مظاهرو ڪندي مقامي طور تي تيار ڪيل جهاز تان فائر ڪيل اينٽي شپ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، جنهن تيز رفتاري سان پري جي مفاصلي تي پنهنجي هدف کي درستگي سان نشانو بڻايو.گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان نيوي جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ملڪ جي مشهور سائنسدانن ۽ …

راولپنڊي-16 اپريل(اي پي پي)پاڪستان نيوي پنهنجي تياري ۽ درست نشانو بڻائڻ جي صلاحيت جو ڀرپور مظاهرو ڪندي مقامي طور تي تيار ڪيل جهاز تان فائر ڪيل اينٽي شپ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، جنهن تيز رفتاري سان پري جي مفاصلي تي پنهنجي هدف کي درستگي سان نشانو بڻايو.گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان نيوي جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ملڪ جي مشهور سائنسدانن ۽ انجنيئرن سان گڏ ان ميزائل جي فائرنگ جي مشاهدي لاءِ موجود هو. ميزائل جديد رهنمائي واري نظام(گائيڊنس سسٽم) ۽ اعليٰ درجي جو رخ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت (منوورايبلٽي) سان ليس آهي جيڪو خطرن کان بچڻ، تبديل ٿيندڙ صورتحال موجب پاڻ کي ان ۾ سمائڻ ۽ درستگي سان اثرائتي طريقي سان هدف کي نشانو بڻائڻ جي قابل آهي. پاڪستان نيوي طرفان مقامي طور تي تيار ڪيل ان ميزائل جو ڪامياب تجربو فني مهارت ۽ عملي صلاحيتن کي ظاهر ڪري ٿو. اها ڪاميابي پاڪستان نيوي جي ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته اهو روايتي دفاعي نظام ۾ سامونڊي طاقت کي مضبوط رکندي خطي ۾ سامونڊي سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائيندو. ڪامياب تجربي تي صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ هٿيار بند فوج جي سربراهن لاڳاپيل يونٽس ۽ سائنسدانن کي مبارڪون ڏنيون آهن.

مزید خبریں