لاهور-16 اپريل (اي پي پي) ايف آءِ اي لاهور جي انساني اسمگلنگ جي خاتمي بابت سرڪل ٽيڪنيڪل ٽريڊسينٽر تي ڇاپو هڻي 26 پاسپورٽ هٿ ڪري هڪ ايجنٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ترجمان موجب هڪ ڏوهاري عمران کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو. ڏوهاري العمران ٽيڪينڪل ٽريڊ سينٽر جي آڙ ۾ انساني اسمگلنگ ۾ لائسنس جي غير قانوني آفيس هلائي رهيو هو. پرڏيهي ويزا جي نالي تي شهرين کان پئسا وٺي رهيو هو. ايف آءِ اي موجب ڏوهاري خلاف ڪيس درج ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ايف آءِ اي پاران ٽيڪنيڪل ٽريڊ سينٽر تي ڇاپو، 26 پاسپورٽ هٿ، ايجنٽ گرفتار

مزید خبریں