وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ٻه ڪلاڪ ڊگهي مُلاقات، امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي اعتماد ۾ ورتو

جده -16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان کي پاڪستان جي امن لاءِ ڪوششن تي اعتماد ۾ وٺندي معاشي استحڪام لاءِ سعودي عرب جي مسلسل حمايت کي ساراهيو ۽ چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ منفرد لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ گڏيل دفاعي معاهدي تحت اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن، جڏهن ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان …

جده -16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان کي پاڪستان جي امن لاءِ ڪوششن تي اعتماد ۾ وٺندي معاشي استحڪام لاءِ سعودي عرب جي مسلسل حمايت کي ساراهيو ۽ چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ منفرد لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ گڏيل دفاعي معاهدي تحت اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن، جڏهن ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان امن جي لاءِ ڳالهين جي سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب تقريبن ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ملاقات دوران، ٻنهي اڳواڻن اڀرندڙ علائقائي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم تازي علائقائي ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ سعودي عرب جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. هن قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجي سعودي ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. وزيراعظم سعودي عرب طرفان ولي عهد جي قيادت ۾ مثالي صبر ۽ برداشت کي ساراهيو، جيڪو موجوده بحران ۾ سعودي عرب ۽ ان کان ٻاهر جي سڀني امن پسند ماڻهن لاءِ طاقت جو سبب آهي. وزيراعظم سعودي ولي عهد کي پاڪستان جي امن ڪوششن بابت تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، جنهن جي ڪري آمريڪا-ايران جنگ بندي ٿي ۽ تازو ئي اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ڳالهين جو دور ٿيو. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان هن امن عمل ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. ٻطرفي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي وزيراعظم پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ سعودي عرب جي مسلسل حمايت تي سعودي ولي عهد جي لاءِ پنهنجي مخلصاڻي تعريف جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ منفرد لاڳاپا آهن ڇو ته ٻئي مُلڪ پاڪستان-سعودي عرب اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي تحت اسٽريٽجڪ دفاعي حصيدار آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهو تعاون جاري رکڻ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں