جده-16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي دوري کانپوءِ خميس ڏينهن قطر جي دوري تي دوحا پهچندو. هڪ اعليٰ سطحي وفد به وزيراعظم سان گڏ هوندو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب دوحا ۾ وزيراعظم جي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ گڏيل تعاون سان گڏوگڏ خطي ۾ امن ۽ سلامتي سان …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي دوري کانپوءِ قطر جي دوري تي دوحا پهچندو

مزید خبریں
جده-16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي دوري کانپوءِ خميس ڏينهن قطر جي دوري تي دوحا پهچندو. هڪ اعليٰ سطحي وفد به وزيراعظم سان گڏ هوندو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب دوحا ۾ وزيراعظم جي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ گڏيل تعاون سان گڏوگڏ خطي ۾ امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. قطر جي دوري کانپوءِ وزيراعظم ترڪيه جو به دورو ڪندو جتي هو پنجين انطاليا ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت ڪندو. فورم دوران وزيراعظم ٻين عالمي اڳواڻن سان گڏ ليڊرز پينل ۾ شرڪت ڪندو ۽ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. فورم جي موقعي تي وزيراعظم جُون ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪرڻ جو به امڪان آهي، جن ۾ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات به شامل آهي، جڏهن ته ٻين اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ٿينديون. هن فورم ۾ پاڪستان جي شرڪت تعميري سفارتڪاري، گهڻ طرفي تعاون ۽ اهم عالمي برادري سان اهم عالمي مسئلن تي بامقصد رابطن جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.











