مدينه-16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رسول الله صلي الله عليه وسلم جي روضي مبارڪ تي حاضري ڏني ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ امن لاءِ خُصوصي دعائون گهُريُون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل رات سعودي ولي عهد وزيراعظم محمد بن سلمان سان ملاقات کانپوءِ مدينه پهتو، جتي مدينه جي گورنر شهزاده سلمان بن سلطان …
وزيراعظم جي رسول الله صلي الله عليه وسلم جي روضي مبارڪ تي حاضري، ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ امن لاءِ خُصوصي دعائون گهُريُون

مزید خبریں
مدينه-16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رسول الله صلي الله عليه وسلم جي روضي مبارڪ تي حاضري ڏني ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ امن لاءِ خُصوصي دعائون گهُريُون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل رات سعودي ولي عهد وزيراعظم محمد بن سلمان سان ملاقات کانپوءِ مدينه پهتو، جتي مدينه جي گورنر شهزاده سلمان بن سلطان بن عبدالعزيز آل سعود وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو استقبال ڪيو. وزيراعظم مدينه ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي روضي مبارڪ تي حاضري ڏني، مسجد نبوي صه ۾ نفل ادا ڪيا ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي سميت سڄي دُنيا ۾ امن ۽ آشتي جي لاءِ دعائُون ڪيُون، وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي لاءِ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي روضي مبارڪ جا دروازا کوليا ويا. وزيراعظم رسول الله صلي الله عليه وسلم جي روضي مبارڪ جي زيارت ڪئي ۽ سلام عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري مديني منوره کان دوحا ويندو، جتي سندس قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ٿيندي.











