افغان طالبان جي باجوڙ ۾ پاڪستاني سول آباديءَ تي گولا باري، 2 ٻارن سميت 3 ڄڻا شهيد، 3 سخت زخمي

راولپنڊي-15 اپريل (اي پي پي) ڀارتي حمايت يافته افغان طالبان باجوڙ جي سرحدي علائقي ڪٽ ڪوٽ جي ڳوٺ ملڪ شاهين ۾ سول آبادي تي بنا جواز گوله باري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر  مان هڪ عورت ۽ 2 ٻارن سميت 3 ڄڻا شهيد، جڏهن ته 3 سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان ڪجهه ڏينهن کان فتنه الخوارج …

راولپنڊي-15 اپريل (اي پي پي) ڀارتي حمايت يافته افغان طالبان باجوڙ جي سرحدي علائقي ڪٽ ڪوٽ جي ڳوٺ ملڪ شاهين ۾ سول آبادي تي بنا جواز گوله باري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر  مان هڪ عورت ۽ 2 ٻارن سميت 3 ڄڻا شهيد، جڏهن ته 3 سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان ڪجهه ڏينهن کان فتنه الخوارج جي هڪ ٽولي کي پاڪستان ۾ داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جي وقت سر ڪارروائيءَ سبب فتنه الخوارج جي دخل اندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، ان ناڪاميءَ سبب مايوس افغان طالبان اڄ ڪٽ ڪوٽ ۾ پاڪستان جي سول آباديءَ جي نشانو بڻايو. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج فوري جوابي ڪارروائيءَ ۾ افغانستان مان فائر ڪيل گن پوزيشن کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي ڪارروائيءَ ۾ باجوڙ لڳ سمورين افغان طالبان پوسٽن کي نشانو بڻايو ويو جنهن سان افغان طالبان جو وڏو جاني نقصان ٿيو. باجوڙ جي رهواسين ان بزدلاڻي ڪارروائيءَ جي سخت مذمت ڪندي سيڪيورٽي فورسز سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ علائقي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز هر وقت چؤڪس ۽ پُرعزم آهي، افغان طالبان طرفان شهري آباديءَ کي نشانو بڻائڻ ان جي ناپاڪ اِرادن ۽ بوکلاهٽ جو چِٽو ثبوت آهي.

مزید خبریں