اسلام آباد - 15 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي گورنر نهال هاشمي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مجموعي سياسي صورتحال خاص طور تي سنڌ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته صوبي ۾ موثر طرز حڪمراني ۽ عوامي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي …
صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي گورنر نهال هاشمي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي گورنر نهال هاشمي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مجموعي سياسي صورتحال خاص طور تي سنڌ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته صوبي ۾ موثر طرز حڪمراني ۽ عوامي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. صدر آصف علي زرداري سنڌ جي گورنر کي هدايت ڪئي ته هو صوبائي حڪومت ۽ ٻين سماجي، سياسي ۽ ڪاروباري تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪري ته جيئن صوبي ۾ وفاقي حڪومت جي ويزن ۽ عوامي اميدن جي مڪمل عڪاسي ڪري سگهجي.











