پاڪستان مسلمان اُمت جي اتحاد جو مشن جاري رکندو، اسلام آباد ۾ ٿيل ايران- آمريڪا ڳالهيون خطي ۾ امن جي قيام لاءِ نهايت اهم اڳڀرائي آهن: حافظ طاهر محمود اشرفي

اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) قومي پيغام امن ڪميٽيءَ جي ڪوآرڊينيٽر ۽ پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته ايران- آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ، عرب اسلامي ملڪن تي ميزائل ۽ ڊرون حملن، جنگ بندي ۽  ان کانپوءِ ٿيل ڳالهين سبب هن وقت پوري دنيا جو ڌيان اسلام آباد تي کتل آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف …

اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) قومي پيغام امن ڪميٽيءَ جي ڪوآرڊينيٽر ۽ پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته ايران- آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ، عرب اسلامي ملڪن تي ميزائل ۽ ڊرون حملن، جنگ بندي ۽  ان کانپوءِ ٿيل ڳالهين سبب هن وقت پوري دنيا جو ڌيان اسلام آباد تي کتل آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي عرب، قطر ۽ ترڪيه جي تازن دؤرن گڏوگڏ اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهيون خطي ۾ امن جي قيام لاءِ نهايت اهم اڳڀرائي آهن. هن چيو ته جڏهن اها جنگ شروع ٿي ته پاڪستان جي قيادت جنهن ۾ وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ نائب وزيراعظم شامل هئا، سعودي عرب جو دؤرو ڪري اُتان جي قيادت خاص ڪري محمد بن سلمان سان صلاح ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ اُمت جو اتحاد برقرار رهيو ۽ امن عمل جي شروعات ٿي جنهن جا ثمر اڄ سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته جيئن جيئن خطو جنگ جي حتمي مرحلي طرف وڌي رهي آهي، اميد آهي ته امن جي شمع اسلام آباد مان روشن ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان جي قيادت جي تازن دؤرن جا هاڪاري اثر جلدي سامهون ايندا. هن وڌيڪ چيو ته مسلم دنيا جو گڏيل اتحاد فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلي جي حل کي ويجهو آڻي سگهن ٿا ۽ اُمت جي وحدت ئي سمورن چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ جو واحد رستو آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ناتن تي ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا رابطا ايمان ۽ عقيدي تي ٻَڌل آهن ۽ ڏُکئي وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏين ٿا. هن خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان جي معاشي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ دفاعي مضبوطيءَ سان گڏوگڏ معاشي استحڪام طرف به تيزيءَ سان گامزن آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مسلمان اُمت جي اتحاد جي مشن کي جاري رکندو ۽ ان شاءَ الله اهي ڪوششون جلد ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿينديون.

مزید خبریں