جده - 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي جده پهچي ويو. مڪه ريجن جي نائب گورنر شهزاده سعود بن مشعال بن عبدالعزيز، سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سفير نواف بن سعيد المالڪي ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفير احمد فاروق وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جده ۾ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي جده پهچي ويو

مزید خبریں
جده – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي جده پهچي ويو. مڪه ريجن جي نائب گورنر شهزاده سعود بن مشعال بن عبدالعزيز، سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سفير نواف بن سعيد المالڪي ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفير احمد فاروق وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جده ۾ وزيراعظم جي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آلسعود سان ٻطرفي ملاقات ٿيندي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ وزيراعظم جو غيرملڪي ميڊيا بابت ترجمان مشرف زيدي وزيراعظم سان گڏ آهن.











